اسلام آباد (م ڊ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کي 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس فواد چوڌري کي منهن تي ڪپڙو وجهي ڊيوٽي مئجسٽريٽ عباس شاهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو. فواد چوڌري عدالت آڏو استدعا ڪئي ته مان اڳوڻو وفاقي وزير ۽ سپريم ڪورٽ جو وڪيل رهيو آهيان، مون کي توهين جوڳي انداز ۾ عدالت ۾ آندو ويو آهي، مون کي وڪيلن سان ملڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن تي عدالت فواد چوڌري کي ملاقات جي اجازت ڏني. ايف آءِ آر جو متن پڙهندي پوليس عدالت کي ٻڌايو ته فواد چوڌري وفاقي وزير طور نوڪريءَ جي آڙ ۾ 50 لک رپيا ورتا، پر نوڪري جو واعدو پورو نه ڪيو، جڏهن ته شهري فواد چوڌري کان رقم واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ته فواد چوڌري پاران شهري کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون. پوليس عدالت کي استدعا ڪئي ته فواد چوڌري جو 5 ڏينهن جو رمانڊ ڏنو وڃي. فواد چوڌري چيو ته ظهير نالي شخص ايترو سست آهي جو عدالت ۾ به نه آيو، مون کي ڦڦڙن جو مسئلو آهي، ڊاڪٽر تائين پهچ ڏني وڃي ۽ ٻارن سان ملڻ جي اجازت ڏني وڃي. جنهن بعد عدالت فواد چوڌري جو 2 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي کيس پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.