ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي پارڪنگ لاٽ ۾ شهرين جون گاڏيون غير محفوظ، پارڪنگ جي رسيد باوجود شهري پنهنجي موٽرسائيڪل کان محروم ٿي ويا، ڪراچي ايئرپورٽ جي پارڪنگ ايريا مان ملازم جي موٽرسائيڪل چوري ٿي وئي. ڪراچي جي شهري ايئرپورٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ جي درخواست ڏني پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بدران روز نامچي ۾ واقعي جي انٽري ڪري ڇڏي، موٽرسائيڪل چوري جي واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون اچي وئي آهي، فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته چور موٽرسائيڪل آساني سان کڻي فرار ٿي ويا. ان حوالي سان سول ايوي ايشن انتظاميه جو چوڻ آهي ته ايئرپورٽ جي پارڪنگ آئوٽ سورس ڪئي وئي آهي، گاڏين جي سار سنڀال ٺيڪيدار جي ذميواري آهي.