گهوٽڪي پوليس طرفان بدنام ڌاڙيل ثناءُ الله شر کي مقابلي بعد گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

گهوٽڪي/ اوٻاوڙو/ رائونتي/ ميرپور ماٿيلو (نمائندن وٽان)  ڪچي جي بدنام ڌاڙيل ثنو عرف ثناءُ الله شر کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته بدنام ڌاڙيل ثنو عرف ثناءُ الله شر پاڻمرادو هٿيار ڦٽا ڪري پوليس اڳيان پيش ٿيو آهي، رائونتي جي  ڪچي واري علائقي ۾ ضلعي گھوٽڪي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس آپريشن دوران ڪامياب ڪارروائي ۽  مقابلي بعد سوشل ميڊيا ذريعي ڏيهھ توڙي پرڏيھه ۾ شھرت ماڻيندڙ ڏوھارين جي ترجمان ۽ ڪجھه مھينا اڳ ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالمالڪ ڀٽو سميت ٻن ايس ايڇ اوز ۽ ٻن پوليس اھلڪارن جي شھادت سميت پنجاھ قتل اغوا ڦرن جھڙن ڪيسن ۾ گھربل حڪومت پاران سر جي قيمت  50 لک رپيا رکيل بدنام ڏوھاري ثنو عرف ثناءٌ الله شر کي مقابلي بعد ھٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، ھوڏانھن بدنام ڏوھاري ثنو شر پاران پاڻ مرادو ھٿيار ڦٽا ڪري پوليس اڳيان پيش ٿيڻ جا علائقي چوٻول آھن، ان سلسلي ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران جو چوڻ هو ته گرفتار ڌاڙيل کي ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس آندو ويو آھي، بدنام ڌاڙيل ثناءُ الله شر کي گرفتار ڪيو ويو آھي، گرفتار ثناءُ الله عرف ثنو شر مٿان ھڪ ڪروڙ جي سفارش ٿيل آھي، ڌاڙيل ھڪ سال اڳ رائونتي ۾ شھيد  6 پوليس اھلڪارن جي شھادت ۾ گھربل ھو، پوليس پاران ڏوھارين کي چٿڻ لاءِ ٽارگيٽيڊ آپريشن جاري آهي جلد ئي رائونتي جي ڪچي واري علائقي کي امن و امان جو گھوارو بڻايو ويندو، ھوڏانھن ايس ايس پي گھوٽڪي جي پريس ڪانفرنس دوران ثناءُ الله شر کي منھن تي ڪپڙو ڏيئي ميڊيا آڏو آندو ويو جتي گرفتار ڌاڙيل ثناءُ الله جو چوڻ هو ته ڪڏھن چنڊ 29  تي ته ڪڏھن 30 ٿيندو آهي، ٻئي پاسي ٻئي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ھڪ ڏينھن اڳ فقير ثناءُ الله شر پنھجي فيس بڪ آءِ ڊي تي پڻ ھڪ پوسٽ آپلوڊ ڪري فيس بُڪ تان ھميشه لاءِ الوداع ڪيو ھو جنھن بعد پوليس ۽ ڏوھارين م ڳالھيون ھلندڙ ھيون ڳالھيون ڪامياب ٿيڻ بعد ڌاڙيل ثناءُ الله شر پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.