سنڌ پوليس کي دٻاءُ ۾ آڻڻ لاءِ افغانين جو ڪراچي ۾ احتجاج،ڌمڪيون

ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران سوين پشتون سڏائيندڙن سنڌ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي عبدالرحمان ۽  محمد دائود خان چيو آهي ته جڏهن کان هي آءِ جي سنڌ آيو آهي تڏهن کان اسان پختونن سان ناانصافيون ٿي رهيون آهن، توهان پنهنجو قبلو درست ڪريو ۽ پوليس جي ڪاري رڍن کي لغام ڏيو، ٻي صورت ۾ اسان کي لغام ڏيڻو پوندو، پوليس رات جي وقت اسان جي گهرن ۾ داخل ٿي پڇا ڳاڇا ڪري ٿي. هنن چيو ته اسان شناختي ڪارڊ انهن کي ڇو ڏيکاريون هنن کي شناختي ڪارڊ چيڪ ڪرڻ جي اجازت ڪنهن ڏني آهي، افغانين کي چيڪ ڪرڻ بدران اسان کي چيڪ ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته مزدور 500/800 رپيا ڪمائي ٿو، رات جو پوليس کيس گهر مان وٺي وڃي ٿي ۽ چوي ٿي پئسا ڏي، ٻي صورت ۾ کيس افغاني لسٽ ۾ وجهي ڇڏن ٿا. هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن افغانين جي ملڪ نيڪالي جي ڳالھ آھي ته پهريان وزيراعظم ڪاڪڙ کي ڪڍيو وڃي ڇو جو هو افغانستان جي پاسپورٽ تي لنڊن ۾ ٽيڪسي هلائي گذاريو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪالھ واري پشتون احتجاج ۾ گهڻي ڀاڱي افغاني شامل هئا، ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته پشتون اڳواڻن جي افغانين کي پٺڀرائي حاصل آهي ۽ سنڌ پوليس کي ڌمڪائڻ لاءِ اهڙي قسم جو احتجاج ڪيو ويو ته جيئن پوليس دٻاءُ ۾ اچي ڪاروائي کان ماٺ ٿي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.