جمن دربدر جي گيت تي نوجوانن جون جهمريون

ڪراچي: چوٿين لطيف ميلي جي ٻنهين ڏينهن جي آخر ۾ ريپ سنگر، صوفي فقيرن توڙي نوجوان ڳائڻن ڀرپور حصو ورتو. ڳائڻ واري  سيشن ۾ جيئي سنڌ جا نعرا گونجڻ لڳا، نوجوانن سنڌ سان بي پناه محبت ڪندڙ مرحوم جمن دربدر جي گانن تي رقص ڪري محفل ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا

لطيف فيسٽيول ۾ مختلف اسٽال لڳايا ويا

ڪراچي: لطيف آرٽ اينڊ لٽريچر فيسٽيول ۾ مختلف قسمن جا اسٽال لڳايا ويا  جنهن ۾ ڪنڀارڪي ڪم جا ٺهيل ٿانو، هٿ جي هنر سان ٺهيل سنڌي ثقافتي شيون جهڙوڪ ٽوپي، اجرڪ، ٽڪ جون رلهيون، وهاڻا ۽ ادبي ڪتاب پڻ رکيل هئا. گڏوگڏ کائڻ پيئڻ جي اسٽال پڻ لڳايا ويا.

ڪراچي ۾ ڦورو ڪار کي روڪي 8 لک رپيا ڦري ويا

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي گلشن حديد ۾  روڊ تي ڦورو ڪار کي روڪي 8 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي جي  سي سي ٽي وي فوٽيج ميڊيا  حاصل ڪري ورتا. تفصيل موجب ڪراچي جي علائقي گلشن حديد ۾  مصروف روڊ تي چوري جو واقعو پيش آيو آهي، ڦورن هلندڙ ڪار کي روڪي  ڪار مالڪ کان لکين رپيا ڦر ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هلندڙ روڊ تي 3 ڦورن 25 سيڪنڊن ۾ 8 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته روڊ تي ٽريفڪ معمول موجب هلندي رهي، پوليس جي خوف کان 3 ڦورو به پريشان نه ٿيا ۽ ديدا دليري سان ڦر ڪندا رهيا  فوٽيج موجب موٽرسائيڪل تي سوار ڦورو تيزيءَ سان آيا ۽ ڪار کي روڪيو، 2 هٿياربند ڦورو مصروف روڊ تي اچي ڪار ۾ داخل ٿي ويا ۽ شهري کان 8 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. واقعي کانپوءِ ڦر لٽ ڪندڙ ڦورو ساڳي روڊ سان فرار ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.