ٻين صوبن مان آيل ماڻهو غيرقانوني پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪرڻ جي مخالفت پيا ڪن: سول سوسائٽي

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) سول سوسائٽي جي سرگرم اڳواڻن آدم ملڪ، عائشه ڌاريجو، علي پلھه، امر سنڌو، انيس هارون، انيتا پنجاڻي، بئريسٽر ضمير گهمرو، برما جيسراڻي، دودو چانڊيو، ڊاڪٽر رياض شيخ، ڊاڪٽر صائمه جعفري، ڊاڪٽر حسين مسرت، ڊاڪٽر ريحانه نذير، گلناز شيخ، حسين جروار، جسٽس (رٽائرڊ) ماجده رضوي، لطيف جوهر، ماروي عابده سمون، نويد احمد کهڙو، پروين مگسي، پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه ملاح، قلندر بخش لغاري، روزينا جوڻيجو، روبينا چانڊيو، صدف ڪيريو، صنم منگي، شهزادي جروار، شازيه نظاماڻي، شيرين اسد، شيزا رياض، شجاع الدين قريشي، شمائيلا منگي، ذڪيا اعجاز،  ذوالفقار هاليپوٽو، ناهيد وساڻ، ساجده عرفان جماڻي، ندا دايو، آمنه دايو ۽ ٻين انساني حقن جي سرگرم ڪارڪنن پنهنجي گڏيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته سنڌي قوم جي خواهشن ۽ تمنائن جي خلاف رياست افغانين جي سنڌ ۾ اچڻ تي همت افزائي ڪئي ته جيئن سنڌ جي آبادي کي تبديل ڪيو وڃي. ضياءَ جي ظالم آمريت خلاف سنڌ جي جمهوري مزاحمت کي دٻائڻ لاءِ وفاقي حڪومت جو اهو سياسي قدم هو. انهن افغانين مان اڪثر، جيڪي قانوني طور پناهگير هئا، تن کي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ طرفان پاڪستان جي اندر ۽ ٻاهر جهاد ڪرڻ جي تربيت ڏني وئي هئي. اهي هڪ ئي وقت سنڌ جي ڊيموگرافي کي تبديل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا ۽ لڳاتار مارشل لا يا ڌانڌلي وارين چونڊن ذريعي مرڪزي راڄ هيٺ سنڌ جي عوام جي قومي جدوجهد کي متاثر ڪيو. هنن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته وفاقي حڪومت پاران انهن لکين غيرقانوني پرڏيهين کي انهن جي ملڪن ڏانهن نيڪالي ڏيڻ جو اعلان فارنرز ايڪٽ، پاڪستان جي آئين ۽ پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي ڪنوينشن جي شقن مطابق آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اها ڳالهه واضح ڪرڻ ضروري آهي ته سنڌي سياسي، نسلي، صنفي ۽ مذهبي عقيدن جي بنياد تي پناهه وٺندڙ حقيقي پناهگيرن جا مخالف نه آهن، پر انهن جي تعداد چند هزارن کان وڌيڪ نه ٿي سگهي. قومي ۽ بين الاقوامي قانون تحت پناهگيرن ۽ غير قانوني مهاجرن جي وچ ۾ واضح فرق آهي. سنڌ تي لکين غيرقانوني پرڏيهي اسلام آباد جي شعوري سياسي پاليسيءَ تحت مسلط ڪيا ويا ته جيئن سنڌ جي عوام جي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت حاصل ڪرڻ جي قومي جدوجهد کي ناڪام بڻائي سگهجي ۽ آئين ۽ 1940ع جي قرارداد لاهور ۽ عالمي قانونن ۾ ڏنل واعدي جي ابتڙ سنڌ جي ماڻهن کي دٻائي سگهجي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ ٻين صوبن مان آيل ماڻهو انساني حقن جي آڙ ۾ غيرقانوني پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪرڻ جي مخالفت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته فارنرز ايڪٽ 1946 يا آئين تحت انهن غير قانوني رهندڙن کي ملڪ ۾ رهڻ جي اجازت ناهي. سنڌ جي عوام جا قومي، سياسي، انساني ۽ بنيادي حق جيڪي آئين ۾ ڏنل آهن، سي غيرقانوني پرڏيهي سنڌ جي ماڻهن جي وسيلن، نوڪرين، تعليم، صحت جي نظام، ٻولي ۽ ثقافت تي عائد ڪيل ناقابل تصور بار کان آزاد آهن، جيڪي سنڌ جي عوام کي متاثر ڪن ٿا،  گڏيل قومن جي پڌرنامي موجب  ڌرتي ڌڻين جي حقن جي حوالي سان سندن ثقافت، ورثو، زمين ۽ وسيلن جو تحفظ ڪيو ويو آهي. انساني حقن جي نالي تي ڪي ڌريون پنهنجي سنڌي هم وطنن جي حقن جي پاسداري ڪرڻ بدران پنهنجي سياسي ايجنڊا لاءِ پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل سنڌ جي عوام جي بنيادي حقن کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيون آهن ۽ سنڌ ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ ماڻهن جي نيڪالي جي مخالفت ڪري رهيون آهن. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسان کي خبر آهي ته وفاقي حڪومت اڃا تائين رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جي وطن واپسيءَ جو اعلان نه ڪيو آهي، جنهن کي روڪيو ويو آهي ۽ انهن جي وطن واپسيءَ جي مدي ۾ وقت بوقت واڌ ڪئي وئي آهي. وفاقي حڪومت کي گهرجي ته هو انهن کي قومي ۽ بين الاقوامي قانونن موجب سمورن پناهگيرن کي پنهنجي وطن واپس موڪلين. افغان پناهگيرن کانسواءِ ٻين غيرقانوني پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪرڻ واري سادي عمل سان ڪجهه ماڻهن جي ناراضگي وڌي وئي آهي جيڪي سنڌ تي غير قانوني پناهگيرن کي مسلط ڪرڻ چاهين ٿا ته جيئن سنڌ جي آئيني حڪمرانيءَ جي جدوجهد کي تباهه ڪري سگهجي. اسان پُرعزم آهيون ته ڪجهه عناصر پاران سياسي ۽ مالي مفادن جي ڪري غير قانوني پرڏيهين سان ڊيل ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي هر قانوني طريقي سان مزاحمت ڪئي ويندي. انهن سڀني کي آئين جي آرٽيڪل 5 تحت قانون ۽ آئين جي فرمانبرداري ڪرڻ گهرجي. کين سنڌ جي عوام جي حقن جو تحفظ ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.