ميانوالي ايئرفورس تربيتي ايئربيس تي حملو ناڪام، 9 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي(م ڊ) سيڪيورٽي فورسز پي اي ايف ٽريننگ ايئر بيس ميانوالي ۾ ڪومبنگ اينڊ ڪليئرنس آپريشن مڪمل ڪري سمورن 9 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق ڇنڇر ڏينهن صبح جو بيس تي بزدلاڻي ۽ ناڪام دهشتگرد حملي کان پوءِ ويجهي علائقي ۾ ڪنهن به امڪاني خطري کي ختم ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز طرفان ڪامياب آپريشن شروع ڪيو ويو. پي اي ايف جي فنڪشنل آپريشنل اثاثن مان ڪنهن کي به نقصان ناهي پهتو، جڏهن ته حملي دوران صرف 3 غير آپريشنل جهازن کي نقصان پهتو آهي. آپريشن جي فوري ۽ پيشيواراڻي پڄاڻي امن جي سمورن دشمنن لاءِ هڪ واضح پيغام آهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج تيار رهندي آهي ۽ ڪنهن به خطري کان وطن جو دفاع ڪرڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿي. واضح رهي ته پاڪ فوج پاڪستان ايئر فورس ٽريننگ ايئر بيس ميانوالي تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق دهشتگردن بيس  تي صبح سوير حملي جي ڪوشش ڪئي. پاڪ فوج جي وقت سر ڪارروائي جي نتيجي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا. ان حملي ۾ پهرين کان گرائونڊ ڪيل 3 جهازن ۽ فيول بائوزر کي نقصان پهتو جڏهن ته جوانن اثاثن جي حفاظت کي يقيني بڻايو. گڏيل ڪليئرنگ ۽ ڪومبنگ آپريشن دوران باقي 3 دهشتگردن کي گهيري ۾ آندو ويو. پاڪستان جي هٿياربند فوج ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي هر قيمت تي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي،هوڏانهن نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ميانوالي ۾ دهشتگردي جي بزدلاڻي حملي کي ناڪام بڻائي پاڪ فضائيه هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. گذريل ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اسان جي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو ڄمي ڪري ۽ پختي عزم سان مقابلو ڪيو ويندو. هن پاڪ فضائيه کي مخاطب ٿيندي چيو ته قوم اوهان سان گڏ آهي ۽ اسان توهان جي همت ۽ عزم کي سلام پيش ڪيون ٿا،هوڏانهن صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي گوادر ۾ پاڪ فوج جي قافلي ۽ ميانوالي ۾ ٽريننگ ايئر بيس تي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.