”غيرقانوني ڌارين کي نيڪالي ڏيو“ ٽنڊي محمدخان ۾ جيئي سنڌ محاذ جو احتجاج

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ :  اويس حيدر شورو)  ٽنڊو محمد خان ۾ سماجي تنظيم ۽ جيئي سنڌ محاذ پاران افغانين خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ تي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪري گو افغاني  گو سنڌ اسان جي ماءُ ڌاريا سنڌ ڇڏي وڃو جي زوردار نعريبازي ڪئي وئي ، انهي موقعي تي جيئي سنڌ محاذ ضلعي صدر ايوب ڪوريجو ، اصغر نوناري ، سليم ھاليپوٽو ، صدام زنگيجو ، مجاھد ھاليپوٽو ، سليمان ٿھيم ، سماجي تنظيم جي  اڳواڻ زاھد جسڪاڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ افغانين خلاف ڪارروائي نه ٿي سگھي آھي نه ڪئمپ لڳائي وئي ،هنن چيو ته نادرا طرفان ٺھيل افغانين جا ڪارڊ ٺھڻ جي ڪري اسڪول ۾ ايڊميشن ڏني وئي آهي سرڪاري ڊيوٽيون ڪن پيا سرعام ھوٽلون ھلائڻ سان گڏ ڪاروبار ڪن پيا ستم ظرفي اها آھي ته پلاٽ جايون دوڪان افغانين جي نالي تي ٺھيل آھن افغاني سنڌ لاءِ ناسور آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.