اسرائيل جي بربريت،اسپتالن، اسڪولن، مسجدن، ايمبولينسن سميت قبرستان تي بمباري

غزا(م ڊ) غزا تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري 29 ڏينهن کان جاري آهي، صيهوني فوج هٿان اسپتالون، اسڪول، مسجدون، پناهگير ڪئمپون، ايمبولينسون ۽ قبرستان به محفوظ ناهن.اسرائيل غزه ۾ النصره ٻارن  جي اسپتال تي به حملو ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجي وڃڻ جو خدشو آهي، ان کان اڳ اسرائيلي فوج غزه جي پٽي ۾ القدس اسپتال جي چوڌاري بمباري ڪئي، جنهن کان پوءِ ڪجهه دير بعد النساءَ جي دروازي تي حملو ڪيو. شفا اسپتال تي بم ڪيرايو.اسرائيل رفح ڪراسنگ تان فلسطيني زخمين کي مصر منتقل ڪرڻ دوران ايمبولينس تي به بمباري ڪئي آهي.گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو چوڻ آهي ته ايمبولينس تي حملي کانپوءِ جون تصويرون خوفناڪ آهن، جنگ بند ٿيڻ گهرجي. غزه جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيل غزه ۾ گڏيل قومن جي هڪ اسڪول تي بمباري ڪئي جنهن ۾ 15 ڄڻا شهيد ٿي ويا جتي هزارين فلسطيني پناهه وٺي رهيا هئا. غزه ۾ گڏيل قومن جي هڪ اسڪول کي به اسرائيلي بمباري جو نشانو بڻايو ويو، جتي فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته حملي ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا.اسرائيلي بمباري ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 9 هزار 300 کان وڌي ويو، زخمين جو انگ 25 هزار کان وڌيڪ آهي،جڏهن ته ترڪيه اسرائيل مان پنهنجو سفير واپس گهرائي ورتو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.