گوادر ۽ ميانوالي واقعن بعد پاڪستان مخالف مهم

اسلام آباد (م ڊ) گوادر ۽ ميانوالي بيس تي ٿيندڙ دهشتگرد حملن بابت ڪجهه حقيقتون ۽ انڪشاف سامهون آيا آهن، جنهن ۾ ”ر“ ملوث آهي. 3 ۽ 4 نومبر تي پاڪستان ۾ ٻه وڏا دهشتگرد حملا ٿيا، هڪ حملو گوادر ۾ ٿيو، جنهن ۾ 14 فوجي جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 4 نومبر تي  هڪ ناڪام حملي ۾ ميانوالي ايئر بيس کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سيڪيورٽي فورسز حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو. سڀ کان اڳ 3 نومبر جي رات را سان جڙيل اڪائونٽن ميانوالي حملي جو اشارو ڏنو، انهن اڪائونٽن تان چيو ويو ته اڄ ڪجهه وڏو ٿيڻ وارو آهي. ان سان ثابت ٿئي ٿو ته انهن حملن ۾ ”را“ جو هٿ آهي، ميانوالي ايئر بيس تي حملو ناڪام ٿي ويو ته ڀارتي ميڊيا فوري طور حرڪت ۾ اچي وئي، ڀارتي ميڊيا 9 مئي جون تصويرون ڏيکاري پروپئگنڊا شروع ڪئي، ڀارتي ميڊيا ايئر بيس تي حملي ۾ گهڻي نقصان جي پروپئگنڊا ڪئي. افسوسناڪ طور هڪ سياسي جماعت سان جڙيل ڪجهه ٽرولز به ٽوئيٽ ڪيا، لسٻيلا سانحي جيان گوادر ۾ شهيد فوجين جي بي حرمتي ڪئي وئي، ڪرائي جي ٽرولز چيو ”9 مئي ته حملو نه هو، اصل حملو هن کي چوندا آهن“. هوڏانهن پاڪستان مان غير قانوني افغانين کي واپس موڪلڻ جو عمل به شروع ٿي چڪو آهي، تازن واقعن ۾ انهن عنصرن جي موجودگي کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، دهشتگردن جي انهن واقعن ۾ ملڪ دشمن عنصر کليل طور سامهون اچي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.