خيرپور ضلعي ۾ 3 هزار کان وڌيڪ پرڏيهي هئڻ جو انڪشاف، 1130 جي سرڪاري ذريعن پاران تصديق

خيرپور (رپورٽ : شاهد نواز سيال ) خيرپور ۾ غير قانوني طور سان ترسيل پرڏيهين خلاف ڪاروائيون نه ٿي سگهيون آهن، سموري ضلعي ۾ ڪٿي به غير ملڪين لاءِ  هولڊنگ ڪئمپ قائم نه ڪئي وئي آهي، ان ڏس ۾  عوامي آواز  کي مليل ڄاڻ موجب خيرپور ضلعي ۾ 3 هزار کان وڌيڪ پرڏيهي هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جڏهن ته  1130 پرڏيهين جي سرڪاري ذريعن طرفان تصديق ڪئي وئي آهي، جن ۾ 900 افغاني، 107 بنگالي، 5 چائنيز سميت ٻين ملڪن جا ماڻهو شامل آهن، مليل ڄاڻ موجب خيرپور تعلقي ۾ 450، فيض گنج تعلقي ۾ 233، گمبٽ تعلقي ۾ 220، ڪنگري ۾ 229 ،ڪوٽڏيجي تعلقي ۾ 199، ٺري ميرواهه ۾ 187، ناري ۾ 98 ۽ سووڀوديرو تعلقي ۾ 161 پرڏيهي شامل آهي. ان سلسلي ۾سرڪاري  ذريعن جو چوڻ آهي ته  1130 غير ملڪين جا انگ اکر سرڪاري رڪارڊ ۾ موجود آهن، جڏهن ته هزارين پرڏيهين جن ۾ افغاني ،بنگالي ۽ ٻين مڪلن جا ماڻهون شامل آهن انهن جو رڪارڊ موجود ناهي جيڪي خيرپور ۾ چانهه جا هوٽل، ڪيبن ( پڙيون ) سرن جي بٺن، مٽيءَ جي ٽريڪٽر ٽرالين سميت مختلف ڪاروبار ڪري رهيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪي 1130 ڄڻا رڪارڊ تي موجود آهن انهن ۾ ڪيترائي غير قانوني طريقي سان خيرپور ضلعي ۾ ترسيل آهن جن  خلاف ضلعي انتظاميا توڙي خيرپور پوليس ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي. ان سلسلي ۾ خيرپور جي  سماجي اڳواڻن ايڊوڪيٽ نسيم احمد سيال، ميڊم شهناز شيخ، واپاري اڳواڻ ارشد راجپوت ۽ ٻين ڌار ڌار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت جي هدايتن تي غير ملڪين کي پاڪستان مان نيڪالي ڏيڻ واري مهلت مڪمل ٿيڻ بعد ڪراچي حيدرآباد سميت مختلف ضلعن ۾ غير قانوني طريقي سان ترسيل پرڏيهين لاءِ ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن پر هن وقت تائين خيرپور ضلعي ۾ هولڊنگ ڪئمپ ناهي قائم ٿي سگهي. هنن چيو ته خيرپور ضلعي ۾ افغانين، بنگالين سميت سوين غير ملڪي ماڻهو رهن ٿا، جن خلاف ڪا بگ ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي. هنن نگران وزير اعظم، نگران وڏي وزير سميت ٻين لاڳاپيل اختيارين کان گهُر ڪئي ته خيرپور ضلعي ۾ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين خلاف ڪارروائيون ڪيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.