اسد قيصر ۽ فواد چوڌري واعدا خلافين سبب گرفتار

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر ۽ فواد چوڌري جي گرفتاري محسوس ٿي رهي آهي ته واعده خلافي جو نتيجو آهن، نامياري صحافي ظفر نقوي جو چوڻ آهي ته ماضيءَ  ۾ جڏهن  پرويز خٽڪ ۽ اسد قيصر اسٽيبلشمينٽ جي ڪجهه  شخصيتن سان ملاقات لاءِ ويا هئا ان بعد گم ٿي ويا  هئا. ان بعد اوچتو ظاهر ٿيا ۽ پرويز خٽڪ پريس ڪانفرنس ڪري پي ٽي آءِ کان علحدگي جو اعلان ڪيو هو پر اسد قيصر خاموش هو. ان بعد اوچتو علي محمد خان ۽ بئريسٽر سيف سان گڏ  مولانا فضل الرحمان وٽ پهتو هو. ساڳي طرح فواد چوڌري به آزاد ٿيڻ کانپوءِ ٽوئيٽ ذريعي اعلان ڪيو هو ته هو ڪجهه وقت سياست کان پري رهندو. ان بعد استحڪام پاڪستان پارٽي جي افتتاحي پروگرام ۾ پهچي ويو هو پر سرگرم نه هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسد قيصر ۽ فواد چوڌري  اسٽيبلشمينٽ سان ڪي واعدا ڪري آزادي ماڻي هئي پر ان کانپوءِ هو واعدا خلافي ڪندي ڳجهه ڳوهه ۾ پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ سرچاءَ  لاءِ ڪوششون ڪري رهيا هئا جنهن ڪري سندن گرفتاري عمل ۾ آئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.