دهشتگرد حملا، افغانين کي نيڪاليءَ جو رد عمل !

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ملڪ ۾ گذريل 48 ڪلاڪن دوران دهشتگرد حملن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته افغانين سميت پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ جو رد عمل اچڻ شروع ٿي ويو آهي. نامياري تجزئي نگار افتخار ڪاظمي جو چوڻ آهي ته ميانوالي تربيتي مرڪز تي حملي کي 9 مئي حملي جو تسلسل به قرار ڏنو وڃي ٿو پر نظر اهو اچي رهيو آهي ته غير ملڪين  کي نيڪالي ڏيڻ جو رد عمل آهي جنهن جون ڌمڪيون مسلسل افغان حڪومت ڏئي رهي آهي. نامياري تجزئي نگار سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته گذريل 48 ڪلاڪن دوران جيڪي دهشتگرد حملا ٿيا آهن انهن مان واضح  ٿي رهيو آهي ته ماضيءَ  جو نيٽ ورڪ متحرڪ  ٿيو آهي. ڇو ته ماضيءَ ۾ هزارين طالبان دهشتگردن کي پاڪستان ۾ آڻي آباد ڪيو ويو هو. پارليامينٽ کان منظوري وٺڻ بنا انهن دهشتگردن سان ڳالهيون ڪيون ويون هيون. ان ڪري جيستائين دهشتگردن جي سهولت ڪارن کي قانون جي پڪڙ ۾ نه آندو ويندو. تيستائين دهشتگرديءَ  جو خاتمو ڏکيو عمل آهي جيئن  جيئن سي پيڪ تي ڪم تيز  ٿيندو تئين تيئن حملن ۾ تيزي اچي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.