سنڌ ڪو يتيم خانو ناهي، غيرقانوني پرڏيهين جي رستا روڪ ڪرڻي پوندي:مدد علي سنڌي

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) تعليم کاتي جي وفاقي وزير مددعلي سنڌي چيو آهي ته حڪومتن جي ڌيان مان سرڪاري اسڪول ڇو  نڪري ويا آهن، بدقسمتي سان ملڪ ۾ ٽي طبقا پيدا ڪيا ويا آهن، هاڻي اختيار رکندڙن جا ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ نه ٿا پڙهن، ٻيو ته ڪرپشن ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اهڙو اظهار هن ڪالهه سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز پاران آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ چوٿين لطيف آرٽ ۽ لٽريچر فيسٽيول جو افتتاح ڪندي، سيشن کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته بنيادي تعليم ۽ صحت جا مسئلا حل ڪرڻ حڪومتن جو ڪم آهي، اسڪولن ۾ اهڙو نصاب پڙهايو وڃي جنهن جي ٻارن کي خبر پئي، خانگي اسڪولن ۾ ته هاڻي منشيات پئي هلي، اسپتالن ۾ پيناڊول گوري نه ٿي ملي، نانگ ڪکڻ جي انجيڪشن اڻلڀ آهي، عوام رڳو مسئلن کي پيو منهن ڏئي، سمورن مسئلن جو حل جمهوريت ۾ ئي آهي، عوام جو ڪم آهي ته جنهن کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آڻي ٿو انهن کان تعليم ۽ صحت بابت سوال ڪري ۽ سندن احتساب به ڪري، هن چيو ته حڪومت جي سٺن ڪم جي رڳو مخالفت به نه ڪرڻ گهرجي، سٺن ڪمن ۾ ساٿ به ڏنو وڃي، هن چيو ته وفاقي حڪومت فلسطين جي شاگردن کي يونيورسٽين ۾ تعليم مفت ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته اليڪشن ضرور ٿيندي هاڻي ڪنهن کي ڪو شڪ نه ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته شاهه لطيف جا سمورا ڪتاب ثقافت کاتي سنڌ ٻيهر ڇاپيا آهن، عبدالحسين سانگي، گل حسن ڪلمتي جا شاندار ڪتاب آهن، هاڻي ڪتاب گهڻا ٿي ويا شاهه لطيف تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي، رڳو پي ايڇ ڊي جو ڊگرين ڏيڻ مان فائدو نه آهي، هن چيو ته جن ادارن کي سرڪار پئسا به ڏئي ٿي انهن جو ڪم به تحقيق ڪرڻ آهي پوءِ انهن اهو ڪم ڇو نه ڪيو آهي، جيڪڏهن انهن ادارن تي ڪير ڳالهائي ٿو ته انهن کي ڳچي مان پڪڙيو وڃي ٿو، هن چيو ته سنڌي ٻولي عتاب ۾ نه ايندي ڇاڪاڻ ته اسان ٻولي سان گهڻي محبت ڪيون ٿا، شاهه لطيف تي اسلام آباد، لاهور سميت پوري ملڪ ۾ پروگرام ڪنداسين، هن چيو ته سنڌ ڪو يتيم خانو ناهي جو هتي هر ڪنهن کي آڻي سيٽل ڪيو وڃي ٿو، پاڪستان جو امن خراب ڪرڻ ۾ انهن جو ئي هٿ آهي، جيڪي تشدد ۽ ظلم ڪن ٿا، هن چيو ته غيرقانوني پرڏيهين جي رستا روڪ ڪرڻي پوندي، سرحدون بند ڪرڻيون پونديون، پرڏيهين کي نيڪالي ڏئي پاڪستاني عوام کي سهولتون ڏنيون وڃن. ان کان اڳ تعليمدان ڊاڪٽر فهميده حسين خطاب ڪندي  چيو ته ڀٽائي جي عارفاڻن ڪلامن کي ڇڏي ٻين پاسن کي به سامهون آندو وڃي، مومل، سهڻي ۽ ٻين سان ظلم ٿيو ته هاڻي به عورتن تي ظلم جاري آهي، هن چيو ته جديد سنڌ ڏانهن سفر لاءِ لازمي آهي ته عورتن کي تعليم سان گڏ بااختيار بڻايو وڃي.قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اياز لطيف پليجو چيو ته پ پ غيرقانوني پرڏيهين کي ملڪ ۾ ترسائڻ لاءِ ڪم ڪري سنڌ ۽ ملڪ دشمني ڪري رهي آهي، هن فيسٽيول ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شاهه لطيف رڳو قبر ۽ مزار تائين محدود ناهي، هو نه وري دعا ۽ باس وارو آهي، هو ته سنڌ نه پر پوري عالم جو عظيم اڳواڻ آهي، جيڪو سڄي دنيا کي جنجهوڙڻ لاءِ آيو هو، ان ڪري شاهه لطيف کي رڳو سنڌ تائين محدود ڪرڻ ناانصافي هوندي. هن چيو ته شاهه لطيف اک الٽي ڌار وارو شعر ان لاءِ لکيو ته نياڻين کي ماريو نه پڙهايو، هن چيو ته سنڌ سنڌين جي آهي، ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي،شاھ لطيف اشرافيه نه پر عوام جو شاعر هو، شاھ لطيف، بلي شاھ، سچل ۽ فريد جي پيغام تي عمل ڪرڻ گهرجي. سنڌ کي ڳنڍڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته  ڪوئلو، گيس، پيٽرول پيدا ڪندڙ سنڌ جا ماڻهو بکيا سمهندا آهن، پندرهن سالن کان سنڌ ۾ گورننس ۽ ادارن کي تباھ ڪيو ويو آهي ملڪ معاشي بحران ۾ آهي، هنگامي قدم کنيا وڃن. پاڪستان کي هڪ نئين معاشي، آئيني ۽ سماجي چارٽر جي ضرورت آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.