اينٽي ڪرپشن جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي، سزائن جي شرح مطمئن ڪندڙ ناهي: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ (اي اينڊ اي سي) ۽ وڏي وزير جي انسپيڪشن اينڊ انڪوائري ٽيم (سي ايم آئي  اي اينڊ آءِ ٽي) جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندي نشاندهي ڪئي ته ٻنهي ادارن ۾ عملي جي کوٽ آهي، هن هدايت ڪئي ته نان ٽيڪنيڪل پوسٽون ختم ڪري انهن جي جاءِ تي جاچ آفيسر ۽ ٽيڪنيڪل ماڻهو مقرر ڪيا وڃن ته جيئن کاتن جي ڪارڪردگي بهتر ٿي سگهي. نگران وڏي وزير (سي ايم آئي اي اينڊ آءِ ٽي)  کي حڪم ڏنو ته هو اسپتالن، اسڪولن، ميونسپلٽيز ۽ ترقياتي ادارن سميت سمورن سرڪاري آفيسن جو 100 ڏينهن جو انسپيڪشن پلان تيار ڪري. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، ناڻي وارو سيڪريٽري ڪاظم جتوئي، چيئرمين سي ايم آءِ اينڊ آءِ ٽي رفيق ٻرڙو، چيئرمين اينٽي ڪرپشن ذوالفقار شاهه، ناڻي کاتي جو اسپيشل سيڪريٽري شاهه مير ڀٽو، ڊائريڪٽر اي سي اي شهزاد عباسي، پي اينڊ ڊي فتح تنيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.  اينٽي ڪرپشن چيئرمين اي اينڊ اي سي سي ذوالفقار شاهه نگران وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته اينٽي ڪرپشن هڪ اهم ادارو آهي جيڪو ڪرپشن سميت صوبي ۾ ڏوهن ۾ ملوث سرڪاري ملازمن خلاف شروعاتي جاچ ڪندو آهي. اينٽي ڪرپشن جي ٻين ذميوارين ۾ سرڪاري کاتن، سرڪاري شعبن، ڪارپوريشنز ۽ اڌ سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن جي ڪيسن جي جاچ شامل آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ۾ عملي جو منظور ٿيل انگ 1416 آهي جنهن مان رڳو 679 ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته 742 پوسٽون خالي آهن. وڏي وزير اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته نان ٽيڪنيڪل پوسٽن کي ختم ڪري انهن جي جاءِ تي جاچ آفيسرن ۽ ٽيڪنيڪل آفيسرن جون پوسٽون لڳايون وڃن جيڪي ڪيسن جي جاچ ڪري عدالتن ۾ مناسب طريقي سان فائل پيش ڪري سگهن. نگران وڏي وزير چيو ته هو ٽئين پارٽي ذريعي ڀرتين تي مطمئن ناھي، هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته توهان سنڌ پبلڪ سروس ڪمشنر کي درخواست موڪلي ان ذريعي ڀرتي جو عمل شروع ڪيو. جسٽس مقبول باقر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ کي آٽوميٽڪ ڊجيٽل سسٽم ٺاهڻ جي به هدايت ڪئي جنهن تحت شڪايتون، انڪوائري جي شروعات، نتيجن، بيانن ۽ ڪميٽين جا فيصلا يا چالان جي صورت ۾ اينٽي ڪرپشن عدالتن کي صاف ۽ شفاف طريقي سان موڪليا وڃن جيڪي ڊجيٽل هجڻ ضروري آهن. نگران وڏي وزير چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي اداري يعني اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ کي حڪومت جو هڪ قابل اعتماد، موثر، محنتي ۽ سمارٽ ادارو بڻائي. ان حوالي سان وڏي وزير جو چوڻ هو ته اي سي سي کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ گهرجي ڇو ته سزائن جي شرح تسلي بخش ناهي. نگران وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيئرمين (سي ايم آئي اي اينڊ آءِ ٽي) رفيق ٻرڙو چيو ته (سي ايم آئي اي اينڊ آءِ ٽي) جي اهم ڪمن ۾ گڊ گورننس، پبلڪ سروس ڊليوري، شفافيت، بهترڪارڪردگي ۽ سرڪاري آفيسن ۾ نظم و ضبط ۽ وقت جي پابندي کي يقيني بڻائڻ شامل آهي. نگران وڏي وزيرسي ايم آئي اي اينڊ آءِ ٽي کي هدايت ڪئي ته سرڪاري ملازمن جي حاضري ۽ ڪارڪردگي مانيٽر ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل حل تيار ڪيا وڃن ۽ پوليس سميت سمورن کاتن جي ملازمن جي بائيو ميٽرڪ ۽ جيو ٽيگ حاضري کي يقيني بڻايو وڃي. جسٽس(ر) باقر (CMIE&IT)  کي 100 ڏينهن جو انسپيڪشن پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن پلان ۾ DHQ/سول اسپتالون قمبر، مٽياري، حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، گهوٽڪي جو انسپيڪشن شامل آهي. لاڙڪاڻو، سکر، ڪراچي ويسٽ، حيدرآباد شهرن ۾ ملڪيتن جي رجسٽريشن ۽ منتقلي جي عمل جو پڻ معائنو ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.