جاگيردار،سردار دشمني تي خاندانن جا خاندان اجاڙي ڇڏين ٿا: ام رباب

دادو(رپورٽ غوث جهتيال) دادو ۾ ام رباب چانڊيو جي 3 گھرڀاتين ڏاڏو ڪرم الله چانڊيو، والد مختيار چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٿي گذري عدالت جي جج حافظ عطاءُ الله شيخ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، قتل ڪيس ۾ شاهد منظور چانڊيو کان آڏي پڇا جو سلسلو جاري رهيو، عدالت ٻڌڻي 18 نومبر 2023 تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل سردار احمد چانڊيو ڪيس جي شاهد منظور چانڊيو جي جيل جا سرٽيفڪيٽ صحافين کي فراهم ڪيا، ام رباب چانڊيو چيو ته جاگيردارن، سردارن آڏو بيهڻ ايڏو وڏو ڏوهه آهي جو هو خاندانن جا خاندان اجاڙي ڇڏين ٿا، اسان جاگيردارن، سردارن آڏو بيٺا آهيون ۽ بيٺا رهنداسين، 3 قتلن جي الزام هيٺ آيل برهان خان چانڊيو عدالت کي هوٽل سمجهي ٿو ۽ موبائيل تي ڪال اچڻ تي هو ٻاهر وڃي فون تي ڳالهائي به ٿو اهڙي شڪايت عدالت کي اسان ڪئي آهي ته ان کي پابند بڻايو وڃي، هن چيو  ته ڪيس شيڊول تي آهي پر جوابدار هفتي ۾ 2 ڀيرا ڪيس هلائڻ تي اعتراض وارين ٿا ، هن  وڌيڪ چيو ته منهنجي گهر ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار علي گوهر جو پٽ ٻاهرين ضلع قمبر جو ايس ايڇ او امداد چانڊيو هت اچي سيڪيورٽي اهلڪارن سان گڏ ويهي ٿو ۽ انهن کي هدايتون ڪري ٿو، اسان بار بار پيا چئون ته اسان کي ۽ اسان جي ڪيس جي شاهدن کي ڌمڪايو پيو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.