حيدرآباد(رپورٽر) نوجوان اتحاد قاسم آباد جي نوجوانن ارشاد رانجهاڻي جي قاتل رحيم شاهه کي ڦاهي ڏيارڻ لاء ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. ان موقعي تي احسان سنڌي، جنيد ناريجو، شهباز سنڌي، امان سنڌي ۽ ٻين چيو ته سال 2019 ۾ ڪراچي شھر ۾ بااثر رحيم شاهه هڪ سنڌي نوجوان ارشاد رانجهاڻي کي سرعام گوليون هڻي بيدري سان قتل ڪيو، جنهن کي هينئر جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته رحيم شاهه قاتل آھي، جنهن کي ڦاسي ڏني وڃي ها پر کيس آزاد ڪري ارشاد جي خون سان ناانصافي ڪئي وئي آھي. هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته ارشاد رانجهاڻي جي قاتل رحيم شاهه کي ٻيهر گرفتار ڪري کيس ڦاسي ڏئي ارشاد جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.17