صدر جو غير آئيني طور اسيمبلي ٽوڙڻ وارو عمل غداري جي زمري ۾ اچي ٿو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کي 8 فيبروري 2024 ۾ عام چونڊون يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ملڪ ۾ 90 ڏينهن ۾ چونڊن بابت ڪيس ۾ صدر عارف علوي طرفان 8 فيبروري 2024 ۾ عام چونڊن بابت دستاويز تي صحيحن کانپوءِ سپريم ڪورٽ ڪيس اڪلائي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ چيو ته صدر ۽ اليڪشن ڪميشن جي اعلانيل تاريخ تي چونڊون  ٿين، عام چونڊن جي تاريخ جو نوٽيفڪيشن به جاري ٿي چڪو آهي، 8 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ تي ڪنهن ڌر کي اعتراض ناهي، تنهن ڪري وفاقي حڪومت 8 فيبروري تي چونڊون يقيني بڻائي. عدالت چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته صدر وٽ اسيمبلي ٽوڙڻ جو اختيار نه هو پر هن ڪيو جڏهن ته صدر کي جيڪو اختيار ڏيڻو هو اهو استعمال نه ڪيو ويو، ڪنهن کي به آئين کان انحراف ڪرڻ جو اختيار ناهي، آئين ۽ قانون سميت هر ادارو. صدر آئين تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي.  عدالت عظميٰ چيو ته سڀ ضرورتون پوريون ٿيڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊيول جو اعلان ڪري، چونڊن جو معاملو سڀني ڌرين جي رضامندي سان حل ٿي چڪو آهي، عوام کي چونڊيل نمائندن کان پري نٿو رکي سگهجي، اميد ٿا ڪيون ته هر ادارو بختگي ۽ سمجهه سان هلندو. سپريم ڪورٽ ملڪ ۾ 90 ڏينهن ۾ ٿيندڙ عام چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي 8 فيبروري 2024ع تي ملڪ جي صدر طرفان عام چونڊن بابت دستاويز تي صحيح ڪرڻ کانپوءِ ٻڌڻي اڪلائي ڇڏي. سپريم ڪورٽ چيو آهي ته صدر ۽ اليڪشن ڪميشن پاران اعلانيل تاريخ تي عام چونڊون ڪرايون وڃن، عام چونڊن جي تاريخ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، ڪنهن به پارٽي کي 8 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ تي ڪو اعتراض ناهي، تنهن ڪري وفاقي حڪومت 8 فيبروري 2024 تي چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته جيڪڏهن ميڊيا چونڊن بابت شڪ پيدا ڪري ٿي ته هو آئين جي ڀڃڪڙي جي ذميوار هوندي. جيڪڏهن ڪو ميڊيا هائوس اليڪشن جي حوالي سان مونجهاري پيدا ڪندو ته اليڪشن ڪميشن پيمرا کي شڪايت ڪندو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ميڊيا وارا مائڪ پڪڙي نه ٿا چئي سگهن ته چونڊن ۾ شڪ آهي، ميڊيا جي آزادي آئين ۾ ڏنل آهي، ميڊيا خلاف ايڪشن نه ٿا وٺي سگهون، جيڪڏهن ميڊيا وارن کي شڪ آهي ته ميڊيا خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي. ميڊيا واري کي چونڊن ۾  شڪ آهي ته هو عوام ۾ نه ڳالهائيندو، پر هو پنهنجي زال کي ٻڌائي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.