اسرائيل غزا جي هزارين فلسطينين جي نوڪرين جي پرمٽ رد ڪري ڇڏي

تل ابيب (م ڊ) اسرائيل غزا جي هزارين فلسطينين جي نوڪرين جي پرمٽ رد ڪري ڇڏي. اسرائيلي ميڊيا موجب روز 18 هزار فلسطيني غزا مان نوڪري ڪرڻ اسرائيل ايندا هئا، 7 آڪٽوبر جي حملن کان پوءِ اسرائيل ۾ موجود غزا جي 3 هزار پورهيت فلسطينين کي حراست ۾ ورتو ويو. پر انهن مان ڪيترن کي آزاد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي پر فلسطينين جي موبائيل، رقم ۽ ٻيون شيون اسرائيلي اختيارين واپس نه ڪيون. هاڻي غزا جي فلسطينين جي نوڪرين جي پرمٽ رد ڪئي وئي آهي ۽ غزا جي اختيارين سان مڪمل طور تي رابطا به ختم ڪري ڇڏيا.

  • اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر عرفان پٺاڻ فلسطيني جي حق ۾ ميدان تي اچي ويو

ممبئي ( م ڊ ) غزا تي اسرائيلي جارحيت خلاف سڄي دنيا جا سياستدان، فنڪار توڙي رانديگر آواز اٿاري رهيا آهن. ڀارتي حڪومت سميت اتان جي اڪثريت هن وقت اسرائيل فلسطين جنگ ۾ اسرائيلين سان گڏ آهي ۽ فلسطين سان نفرت جو اظهار سوشل ميڊيا تي جاري بيانن ذريعي ڪيو  پيو وڃي. پر ان جي ابتڙ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر عرفان پٺاڻ فلسطيني ٻارن ۽ غزا ۾ جاري ظلمن خلاف آواز اٿاريو آهي. عرفان پٺاڻ هڪ ٽوئيٽ ۾ عالمي اڳواڻن کان متحد ٿي انهن حملن کي ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. هن لکيو ته غزا ۾ هر ڏينهن معصوم ٻار زندگيون وڃائي رهيا آهن ۽ دنيا خاموش آهي، هڪ رانديگر طور مان رڳو آواز اٿاري سگهان ٿو پر هاڻ وقت اچي ويو آهي ته عالمي اڳواڻ متحد ٿي وڃن ۽ قتل عام بند ڪرائين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.