شهيد ناظم جوکيو جي ٻي ورسي، سڄاڻ ڌرين کيس ياد نه ڪيو!

کوکراپار(ن ع آ) شهيد فطرت ناظم جوکيو کي وڇڙي 2 سال گذري ويا، عرب شڪاري خلاف مزاحمت ڪرڻ تي بيدردي سان شهيد ڪيو ويوڪيس ۾ نامزد ڄام ڪريم ۽ ڄام اويس جوکيو کي وارثن اڳ ئي خون معاف ڪري ڇڏيو، ملير جي علائقي آچار سالار ڳوٺ جي رهواسي ناظم جوکيو جيڪو ڳوٺ ڀرسان تلور جي شڪار لاءِ آيل عرب شڪارين سان مزاحمت ڪندي سندن رستا روڪ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ قبيلي جي سردار ناظم جوکيو کي قيد ڪري سخت تشدد ڪيو جنهن سبب هو شهيد ٿي ويو جنهن بعد شهيد ناظم جوکيو کي قومي ۽ عالمي سطح تي شهيد ماحوليات جي لقب سان پڻ نوازيو ويو ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جدوجهد ڪئي وئي جنهن بعد نامزد جوابدار اويس گهرام، حيدر شورو، احمد علي، عبدالرزاق سالار، جمال واحد ۽ ٻين کي گرفتار ڪيو ويو جنهن بعد اڳتي هلي ڪيس ۾ نامزد ڄام ڪريم، ڄام اويس گهرام کي وارثن معاف ڪري ڇڏيو جڏھن ته ڪيس جي 11 نومبر تي ملير ڪورٽ ۾ ٻڌڻي پڻ رکيل آهي ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن حيدر شورو ۽ احمد علي گرفتار ٿيل آھن جڏهن ته هڪ جوابدار نياز جوکيو اڃا تائين فرار آهي باقي جوابدارن عدالت مان ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي، سندس ٻي ورسي جي موقعي تي سول سوسائٽي ، ماحولياتي تنظيمن ۽ وارثن سميت ڪنهن به کيس ياد ناهي ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.