ڌارين جي نيڪالي لاءِ عوامي تحريڪ طرفان ميرپورخاص ۾ ريلي جو اعلان

سنڌڙي (رپورٽ: ڪاشف علي شر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ لال جروار، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ  ڊاڪٽر دلدار  غاري ۽ مصطفيٰ شر سنڌڙي پريس ڪلب ۾ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون زرعي انقلاب  جي نالي ۾ وفاق حوالي ڪرڻ، لکين افغانين سميت غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ ۽ سرڪاري زمينون مقامي بي زمين ھارين ۾ ورھائڻ لاءِ عوامي تحريڪ پنهنجو  ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، 5 نومبر تي ميرپورخاص ۾ سنڌي ھاري تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ طرفان شاندار ريلي ڪڍي ويندي، اڳواڻن چيو ته سنڌ جي لکين زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي، سنڌ ۾ لکين افغاني ۽ غير ملڪي موجود آھن جن کي نيڪالي ڏيڻ بدران ڪوڙا سڃاڻپ ڪارڊ ٺھرائي ڏنا پيا وڃن، سنڌين کي بوگس آدمشماري وسيلي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، سنڌين خلاف گھڻ سازش سٽي وئي آھي سنڌ جي وسيلن تي زبردستي قبضو ڪيو پيو وڃي سنڌي عوام کي متحد ۽ منظم ٿي سنڌ دشمن منصوبن خلاف پرامن جمھوري جدوجھد ڪرڻ کپي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.