جيڪب آباد ۾ ڌارين جي نيڪالي لاءِ ايس ٽي پي جي ريلي، ڌرڻو

جيڪب آباد(رپورٽ: سڪندر علي سرڪي) جيڪب آباد ۾ ايس ٽي پي پاران ڌارين جي نيڪالي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڌارين جي نيڪالي لاءِ شهيد الهه بخش سومرو پارڪ کان هڪ احتجاجي ريلي ضلعي صدر عبدالستار جاگيراڻي، نظام مستوئي، جميلا سولنگي، عبدالنبي مگسي جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو، ريلي ۾ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڌارين جي نيڪالي لاءِ ڌرڻو پڻ هنيو ويو، اڳواڻن چيو ته ضلعي انتظاميا پاران جيڪب آباد ۾ افغانين سميت ڌارين جي نيڪالي لاءِ ڪي به اپاءُ ناهن ورتا ويا ضلعي انتظاميا جيمخاني ۾ ڌارين جي نيڪالي لاءِ عارضي ڪيمپ قائم ڪري صرف بل ٺاهڻ ۾ مصروف آهي، جڏهن ته گهرو کاتي جي رپورٽ موجب جيڪب آباد ضلعي ۾ 972 ڌاريا موجود آهن ڊي سي جيڪب آباد سنڌ دوست ڪميٽي جي اڳواڻن سان گڏجاڻي ۾ اهڙو اعتراف به ڪيو ويو پر اڃان تائين هڪ به ڌاريو گرفتار ناهي ٿي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.