جهرڪ ڀرسان مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ سبب ماءُ ۽ پٽ دٻجي فوت

سونڊا (رپورٽ: ارشاد گندرو) جھرڪ لڳ مٽي جي ڇڀ ڪرڻ سبب ماءُ ۽ پُٽ دٻجي فوت، ڳوٺ محمد رمضان ٻٻر جي رھواسڻ امام  زادي ۽ سندس 10 ورهين جو پٽ ارشاد ٻٻر مٽي جي ڇپ ڪرڻ سبب دٻجي فوت ٿي ويا، وارثن فوتي ماءُ ۽ پٽ جي لاشن کي رورل هيلٿ سينٽر جهرڪ پهچايو، جتي ضروري ڪارروائي ڪرڻ بعد ٻئي لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گهر پهچڻ تي وارثن کي بيھوشي جا دورا پئجي رھيا ھئا، ھڪ ئي وقت 2 جنازا کڄڻ تي ڳوٺ ۾ ڏک واري صورتحال پکڙجي وئي، ٻڌايو پيو وڃي ته گھر کي مٽيءَ جو راڳو ڪرڻ لاءِ عورتون مٽي ڪڍي رھيون ھيون ته سندن مٿان مٽيءَ جي ڇڀ ڪري پئي جنھن جي ڪري ھڪ عورت امام زادي ۽ سندس 10 ورهين جو پُٽ ارشاد ٻٻر مٽيءَ جي ڇپ ھيٺيان دٻجي فوت ٿي ويا، ڳوٺاڻن وڏي ڪوششن بعد سندن لاش مٽي مان ڪڍي اسپتال پھچايا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.