ٽنڊو آدم ڀرسان گهرو اڻبڻت تان مڙس زال کي قتل ڪري ڇڏيو

ٽنڊوآدم (ن ع  آ) ٽنڊوآدم جي حد ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ گھرو تڪرار تان جوابدار امام بخش خاصخيلي پنھنجي زال 25 ورهين جي  فھميده خاصخيلي کي گھر اندر پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي تعلقه اسپتال ٽنڊوآدم پھچايو جتي پوسٽمارٽم بعد ضروي ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو، پوليس موجب زال مڙس جو ڪجھه ڏينھن کان گھر ۾ تڪرار ھلندڙ ھو جنھن ڪري مقتوله ڪاوڙجي پنھنجن مائٽن جي گھر ھلي وئي ھئي مڙس کيس پرچائي گھر وٺي آيو ان کانپوءِ هُن کيس گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار امام بخش خاصخيلي کي پسٽل سميت گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھي آھي خبر فائل ٿيڻ تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو ھو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.