لاڙڪاڻي ۾ افغاني ڪاروبار بند ڪري لُڪي ويا، پوليس اثرائتي ڪارروائي نه ڪئي!

لاڙڪاڻو (ڊر ) سنڌ ۾ افغاني ڌارين کي نيڪالي جي ڏنل مھلت ختم ٿيڻ بعد ٿيندڙ ڪاررواين تي لاڙڪاڻي ۾ رھندڙ افغاني پٺاڻن پنھنجا ڪاروبار بند ڪري ڇڏيا جڏھن ته رھائشي علائقن ۾ اڃا تائين موجود آھن گڏ ڪيل انگن اکرن موجب  1500 کان وڌيڪ غير ملڪي افغاني پٺاڻ شھر جي مختلف محلن ۾ رھائش پزير آھن شھرين جي نشاندھي باوجود قانون لاڳو ڪندڙ ادارن توڙي ضلعي انتظاميه ڪاروائي نه ڪئي انتظامي عملدار ڪارروائي بدران ڳري رشوت وٺي بچائڻ ۾ مصروف بڻيل آھن ان حوالي سان شھر جي مختلف محلن ريشم گلي، گجڻ پور بندر روڊ شاھي ڀازار نظر محلو ڀينس ڪالوني مراد واھڻ شيخ زيد ڪالوني سُريا پڌر سميت شھر جي ٻاھرين علائقن ۾ افغاني پٺاڻ مسواڙي جاين ۾ ترسيل آھن، غيرقانوني افغانين پوليس جي ڪاررواين کان بچڻ لاءِ پنھنجا ڪاروبار بند ڪري ڇڏيا جنھن ۾ شھر جي ڪاروباري مرڪزي ھنڌن شاھي بازار بندر روڊ ۽ پاڪستاني چونڪ تي قائم ھوٽل ڪپڙي دوڪان منيارڪا اسٽال موچڪا اڏا ريڙھا ۽ صندل بند ڪري ڇڏيا آهن، انگن اکرن موجب 5 ھزار غير ملڪي رھندڙ ڏيکاريا ويا ھُئا اھڙي طرح حڪومتي ڪارواين جي خوف کان ڪيترا ڌاريا ڏنل مھلت دوران شھر مان نڪري ويا آھن، جڏھن ته 1500 کان وڌيڪ غير ملڪي افغاني پٺاڻ شھر جي مختلف علائقن ۾ ترسيل آھن، سڄاڻ ڌرين غيرقانوني افغانين خلاف ڀرپور ايڪشن جو مطالبو ڪيو آهي، ھوڏانھن لاڙڪاڻي انتظاميه جو چوڻ ھو ته ڌارين افغاني پٺاڻن خلاف ڪاروايون جاري آھن شروعاتي طور انھن جا ھلندڙ غيرقانوني ڪاروبار بند ڪرايا آھن ۽ اھڙي خوف کان ھو ڏنل مھلت کان اڳ ئي شھر مان نڪري ويا آھن باقي جيڪي رھائشي علائقن ۾ لڪي ويا آھن انھن خلاف به شھرين جي نشاندھي تي ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.