ڪراچي مان 2 سئو کان مٿي غيرقانوني افغاني گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) غيرقانوني افغان پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ٽئين ڏينهن به ڪراچي جي مختلف علائقن افغان بستي، سهراب  ڳوٺ، مڇر ڪالوني، سرجاڻي، بلديا ٽائون ۽ ٻين ڪيترن ئي هنڌن تي آپريشن جاري رهيو، ڪياماڙي، اولھ ڏکڻ، اوڀر ضلعي سميت مختلف هنڌ تي پوليس ڪارروايون ڪندي2 سئو کان وڌيڪ غيرقانوني رهندڙ افغانين کي حراست ۾ وٺي حاجي ڪئمپ ۽ ڪياماڙي جي سلطان آباد هولڊنگ ڪئمپ آندو ويو، سلطان آباد مان 178 غير قانوني رهندڙ افغانين کي چمن بارڊر ڏانهن منتقل ڪيو ويو، سهراب ڳوٺ واري علائقي ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف آپريشن دوران 2 درجن کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو، ايس ايس پي ايسٽ عرفان بهادر چيو ته ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف آپريشن جاري آهي، سرچ آپريشن دوران ٻن درجن کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، عرفان بهادر جو چوڻ هو ته جيستائين سمورن غيرقانوني رهواسين کي گرفتار نه ڪيو ويندو تيستائين آپريشن جاري رهندو، هن چيو ته آپريشن جي نگراني مان پاڻ ڪري رهيو آهيان، آپريشن ۾ ايس پي سهراب ڳوٺ سميت پوليس جي وڏي نفري حصو وٺي رهي آهي، اختيارين موجب ملڪ مان 1 لک 65 هزار کان وڌيڪ افغان شهري واپس ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.