اقتدار خاطر سياستدان ڌارين جي سپورٽ پيا ڪن: اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي عام چونڊن جي تاريخ تي اتفاق ڪرڻ جي آجيان ڪندي چيو آھي ته  aاليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ھميشه ناڪام رھي آھي، ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت کي اچڻ ئي نٿو ڏنو وڃي، جمھوريت جي نالي ۾ سوداگرن سنڌ کي ۽ ملڪ کي نقصان ڏنو آھي، اليڪشن ڪميشن ٻڌائي تي شفاف چونڊن لاءِ ڪھڙا قدم کنيا ويا آھن، ملڪ ۾ جڏھن به اليڪشن ٿي آھي ته حقيقي ترقي پسند، جمهوريت پسند، روشن خيال ۽ محب وطن قوتن اڳيان ھميشه رڪاوٽون وڌيون ويون آهن انھن کي دٻائڻ لاءِ مھرا پيدا ڪري دھشت وارو ماحول جوڙيو ويندو آھي، جاري بيان ۾ هن چيو ته عوام جي حقيقي آواز کي دٻائڻ لاءِ هٿرادو اشو پيدا ڪيا ويا آهن، منشيات نوجوان نسل کي تباهه ڪري رهي آهي، افغاني، برمي، بنگالي، بھاري ۽ ٻين غير قانوني پرڏيھين کي فوري طور تي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي. پاڪستان ۾ سياسي ۽ اقتداري مفادن لاءِ غير قانوني پرڏيھين کي پھرين بلدياتي ادارن کان رھائشي سرٽيفڪيٽ ڏياريا وڃن ٿا، پوءِ شناختي ڪارڊ ڏنا وڃن ٿا۔ اھڙي ريت اھي ملڪيتون خريد ڪن ٿا ۽ سرڪاري نوڪرين ۽ وسيلن تي قابض ٿي ويھي رھن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.