ملير (ڊ ر) اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد گهگهر ڦاٽڪ ويجهو قادر نگر ۾ 30 ورهين جي ناري نورجهان سومرو غربت ۽ مفلسي کان تنگ اچي پنهنجي ٻن ڌيئرن کي زهر ڏيڻ بعد پاڻ به زهر پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي آهي. ناري نورجهان ڇهن ورهين جي حرا ۽ چئن ورهين جي صنم عرف ثناءَ کي زهر ڏئي اجتماعي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، علائقي واسين ماءُ ۽ سندس ڌيئرن کي گلشن حديد جي خانگي اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن پاران طبي امداد بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کين جناح اسپتال منتقل ڪيو جتي چئن ورهين جي صنم عرف ثناءَ علاج دوران فوت ٿي وئي جڏهن ته ناري نورجهان ۽ نينگري حرا جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، علائقي واسين موجب عورت جو مڙس فوت ٿي چڪو آهي، غربت ۽ مفلسي کان تنگ اچي هن ڌيئرن سميت اجتماعي آپگهات جي ڪوشش ڪئي.