ڪوئٽا (م ڊ) اڻڄاتل هٿياربندن تربت جي ڀرپاسي واري علائقي ناصر آباد ۾ ٿاڻي تي حملو ڪري4 پورهيتن ۽ هڪ پوليس اهلڪار کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته فائرنگ ۾ هڪ پورهيت سخت زخمي پڻ ٿي پيو. جوابدار واردات واري هنڌان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. قتل ٿيلن ۾ محمد عظيم، شهباز، باقر علي، شهزاد احمد شامل آهن جڏهن ته پوليس اهلڪار جي سڃاڻپ عطا جان پٽ محمد اسلم طور ٿي آهي جيڪو تربت جو رهواسي آهي جڏهن ته زخمي پورهيت جي سڃاڻپ مدثر طور ٿي آهي. واقع جو اطلاع ملڻ جي فورن بعد پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون جن لاشن ۽ زخمي کي تربت اسپتال منتقل ڪيو. پوليس علائقي جي ناڪابندي ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن بلوچستان جي نگران وڏي وزير مير علي مردان خان ڊومڪي تربت ۾ چار مزدورن ۽ هڪ پوليس اهلڪار جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي صوبائي گهرو وزير کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي ،هن چيو ته بي گناهه مزدورن جو قتل تمام گهڻو افسوسناڪ آهي. روزگار لاءِ گهرن کان پري غربت ۽ بي گناهه مزدورن جو رت ضايع نه هن چيو ته بلوچستان جي روايت ته مهمان نوازي آهي مهمان جي جان وٺڻ ناهي امن دشمن عناصر اسان جي روايت جا به دشمن آهن ٻئي پاسي بگران وفاقي وزير سرفراز بگٽي تربت ۾ دهشت گردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي هن چيو ته دهشتگردن هڪ ڀيرو ٻيهر معصوم مزدورن کي نشانو بڻايو دهشتگردن جون بزدل ڪاروائيون امن خوشحالي کي ختم نٿيو ڪري سگهن هوڏانهن گورنر بلوچستان چيو ته اسان صوبي جي پر امن صورتحال کي ڪنهن به صورت ۾ خراب ٿيڻ نه ڏينداسين