کھڙا (رپورٽ فياض رتڙ) کھڙا جي علائقي پيرعيسيٰ ۾ جنس جي واپاري 45 ورهين جي ظھير ولد ڀليڏنو ميتلو جو سارين جي فصل مان گوليون لڳل لاش ھٿ آيو آهي. مقتول واپاري جي وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان ظھير ميتلو رات دوڪان بند ڪري گھر اچي رھيو ھو ته رستيءَ مان گم ٿي ويو، اڄ صبح جو اطلاع مليو ته پير عيسيٰ ۾ سارين جي فصل ۾ لاش پيو آھي بشير ميتلو جو چوڻ هو ته اسان جي ڪنھن سان به ڪا ذاتي دشمني ناھي، نوجوان کي پيٽ ۾ گوليون لڳل آهن ۽ ڀرسان ڏنڊا به پيا آھن، ھوڏانھن پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گوليون لڳل لاش جو اطلاع مليو آھي، مڙهه ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.