بحث مباحثا ڪنهن سان ڪرڻ گهرجن

ڄام صنم سنڌي

ماڻھوءَ کي پرکڻ ۽ سڃاڻڻ سڀ کان اوکو ڪم آھي ڇو ته ضروري ناھي ته ڪو ماڻھو جيئن نظر اچي اھو ھجي به اوئنن ئي، جيئن ڪي ڪتاب ٻاھران ته ڏاڍا ڀلا ھوندا آھن پر اندر موجود مواد اوترو ڀلو ۽ معياري ناھي ھوندو ساڳي طرح ڪي ڪتاب مٿان ته معمولي نظر ايندا آھن پر منجھن شھڪار، يادگار ۽ تاريخي مواد ھوندو آھي ان ڪري ڪنھن به ماڻھوءَ جي ظاھر کي ڏسي سندس سوچ، ڪردار، شخصيت ۽ ذھنيت جو فيصلو نٿو ڪري سگھجي ڪڏھن ڪڏھن پڙھيل لکيل جاھل ھوندا آھن ته ڪڏھن ڪڏھن اڻ پڙھيل به مدبر ۽ مفڪر ثابت ٿيندا آھن. ان ڪري اختلاف ڪنھن جي نظرين سان ھجڻ کپن شخصيت سان نه، ڇو ته مسئلو سوچ سان ھوندو آھي فرد سان نه. اسان کي پنھنجي خواھش کي دليل بڻائي ڪنھن لاءِ فيصلو نه ڪرڻ گھرجي، بلڪه پنھنجي پسند ۽ ناپسند کي پاسي تي رکي راءِ ڏيڻ گھرجي.

جارج برنارڊ شا چيو آھي ته ”جيڪڏھن اوھان ڪنھن ماڻھوءَ جي دماغ کي جاچڻ چاھيو ٿا ته کيس ڏسو ته ھُو ان سان ڪيئن ٿو بحث ڪري جيڪو ساڻس متفق ناھي“ ڇو ته ڪنھن به شخص جي اصل شخصيت بحث مھل چٽي طرح واضح ٿي ويندي آھي ان ڪري ڪنھن به اھڙي ماڻھو سان ڪڏھن به بحث نه ڪندا ڪيو جيڪو بحث مھل آپي کان ٻاھر نڪري، ايڏو جذباتي ٿي وڃي جو کيس رڳو پنھنجو ئي نظريو ۽ موقف صحيح لڳي ۽ ٻين کي تسليم ڪرڻ پنھنجي توھين لڳي.

اھڙو ئي واقعو ھڪ شينھن سان به پيش آيو ڇو ته جھالت ماڻھن ۽ جانورن مان ڪنھن ۾ به ٿي سگھي ٿي. ٿيو ائين جو ”ھڪ ڀيري ھڪ گڏھ ۽ شينھن جو پاڻ ۾ بحث ٿي پيو، شينھن چيو سج اوڀر مان ٿو اڀري ۽ گڏھ چيو اولھه مان، گھڻي بحث کانپوءِ جڏھن سندن کان معاملو حل نه ٿيو ته نيٺ ٻنھي طئي ڪيو ته جھنگ جي بادشاھ وڏي شينھن کان ٿا فيصلو ڪرايون سو ٻئي شينھن بادشاھ وٽ آيا ۽ سڄو معاملو انکي ٻڌاين، شينھن بادشاھ قصو ٻڌي غور ويچار کانپوءِ پنھنجي سپاھين کي حڪم ڏنو ته گڏھ کي ڇڏي شينھن کي جيل ۾ وجھو، ننڍي شينھن عرض ڪيو ته شينھن بادشاھ صحيح به مان آھيان ته پوءِ سزا مون کي ڇو ملي رھي آھي؟ شينھن بادشاھ چيس اھا سزا تو کي صحيح يا غلط ھجڻ تي نٿي ملي پر ان لاءِ ملي رھي آھي ته تو گڏھ سان بحث ڪيو ڇو؟؟

سو اسان کي به ھر ماڻھوءَ مان اھا ئي توقع رکڻ گھرجي جنھن فطرت، عادت، ۽ طبيعت جو ھو مالڪ آھي سرڪي ۾ مٺاڻ ۽ بحث دوران ھر ماڻھوءَ ۾ تحمل ڪڏھن به تلاش نه ڪرڻ گھرجي نه وري اجايا يا غير ضروري بحث ڪرڻ يا انجو حصو بڻجڻ گھرجي ضروري ۽ فڪري بحث به انھن سان ڪرڻ گھرجي جيڪي بحث جي حدن، لحاظ جي ليڪن کان ڀليءَ ڀت واقف ھجن ڇو ته مثبت بحث مباحثا سٺن ۽ صحتمند ذھنن جي واڌ ويجهه ڪندا ۽ نون نظرين کي جنم ڏيندا آھن جڏھن ته غير ضروري، غير فڪري بحث يا وري ھلڪڙي ذھنيت وارن سان بحث مايوسي ۽ تذليل کانسواءِ ڪجهھ ناھي ڏيندو ان ڪري ڪو به بحث ڪرڻ کان پھرين اھو ضرور ڏسندا ڪيو ته ڪٿي اوھان سان بحث ڪندڙ ڪو گڏھ ته ناھي، جي ھا ته پوءِ يقيناً اوھين سزا جا حقدار آھيو.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.