ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ : اويس حيدر شورو )جمعيت العماء اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته ملڪي سياست مان عوامي ووٽ جي مينڊيٽ چوري ڪرڻ جو هاڻي وقت ختم ٿي چڪو آهي ، اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان ۾ مير غلام علي پارڪ تي جلسي عام کي خطاب ، پريس بريفنگ ۽ امن مارچ جي ڊرگھ موري ، شيخ ڀرڪيو ، بڪيرا شريف ۾ جلسن کي خطاب ڪندي ڪيو ، هن چيو ته پيپلز پارٽي عوام سان دوکيبازي ڪري جيڪا سياست شروع ڪئي آهي ، ان جو به هاڻي خاتمو اچي ويندو ، مرڪز ۾ پيپلز پارٽي اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن اڳ ئي ختم ڪري چڪي آهي هاڻي سندن سنڌ مان به حڪومت ٺاهڻ جو وس نه رهندو ، پيپلز پارٽي سنڌ جي ماڻهن کي ڪو به رليف ڏياري نه سگهي آهي ، 15 سالن جي دوران پيپلز پارٽي جي قيادت جيڪا سنڌ سان ويساھ گهاتي ڪئي آهي ان جو هاڻ احتساب ٿيندو ، پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام کي اٻوجھ سمجهي جيڪي چالاڪين سان ووٽ ورتا آهن عوام هاڻي سندن دوکيبازي فريب کي سمجهي چڪو آهي ، نه وري عوام پنهنجي ووٽ جو غلط استعمال ڪرڻ ڏيندو ،هن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي اندر ڪرپشن جا اهڙا رڪارڊ قائم ڪيا آهن جيڪي ملڪي تاريخ جا داغدار ڪارناما آهن ، سنڌ جا روڊ رستا زبون حالت جو شڪار آهن ، گئس تيل ، قدرتي وسيلن کان مالا مال هجڻ باوجود سنڌ جو عوام بک بيروزگاري بدحالي جو شڪار آهي ، ڌاڙيل ڪلچر ، ڀوتارڪي نظام سنڌ جي عوام جو امن سڪون کسي ورتو آهي ، هن چيو ته اقتدار ۾ اچي سنڌ مان ڪرپشن جو مڪمل خاتمو آڻڻ سان گڏ سنڌ جي 70 فيصد پيداواري وسيلن گئس تيل جي رائيلٽي سنڌ کي ڏيڻ ، سنڌ جي ٻيلن ، جبلن ، وسلين تان قبضا مافيا جا غيرقانوني قبضا ختم ڪرائي نئين خوشحال سنڌ جي اڏاوت جي شروعات ڪئي ويندي ،ان موقعي تي مولانا محمد صالح انڍهڙ ، آغا محمد ايوب شاھ ، عبدالسلام مهر ، مولانا عبدالقيوم هاليجي ، مولانا ابراهيم سومرو ، مولانا تاج محمد ناهيون ، مولانا عبدالباسط نظاماڻي ، مولانا پير منظور شاھ ، انجنيئر عبدالرزاق لاکو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ،