اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد جي ريل پراڻي پٽڙيءَ تي اچي وئي آهي.
نامياري صحافڻ عاصمه شيرازي موجب شيخ رشيد انٽرويوءَ ۾ به ايترو کليل نموني عمران خان کان مفاصلو اختيار نه ڪيو هو پر گذريل ڏينهن واضح لفظن ۾ 9 مئي واقعن جي جوابدارن کي لعنتي سڏي هن عمران خان کان بلڪل علحدگي جو ڄڻ اعلان ڪيو.
صحافڻ موجب، هن جي بقول چلو ڪاٽڻ سان نئون شيخ پيدا ٿيو آهي، اسان جي نظر ۾ چلو ڪاٽڻ کانپوءِ پراڻو شيخ رشيد پنهنجي اصل پٽڙيءَ تي واپس اچي ويو آهي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 31 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي