اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج خلاف ريفرنس داخل ٿي ويو آهي.
نامياري صحافي عمران وسيم موجب وڪيل مقصودحسين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جج محسن اختر ڪياني خلاف ريفرنس جوڊيشل ڪائونسل کي اماڻيو آهي. جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته جسٽس محسن اختر ڪياني جون مختلف نالن تي 15 جائيدادون آهن ۽ اسلام آباد ايف 6 ۾ سندس اربين رپين جو پلاٽ به آهي.
جسٽس جا آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثا آهن جن بابت جاچ ڪئي وڃي. ان سان گڏ ٻيا الزام به مڙهيا ويا آهن، ڏسجي ته جوڊيشل ڪائونسل ان سلسلي ۾ ڪهڙو قدم کڻي ٿي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 31 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي