صدر علوي سياست ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

لاهور (عوامي آواز نيوز) صدر عارف علوي سياست ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ  آهي ته صدر عارف  علوي جي گهر واري مسمات ثمينه علوي به ان جي تصديق ڪئي آهي ته مون به عارف علوي کي صلاح ڏني آهي ته سياست ڇڏي تعليم جي واڌ ويجهه لاءِ ڪنهن اداري ۾ هليو وڃي، ڇو ته هاڻي سياست ڪرڻ سندس وس جي ڳالهه نه آهي.

ٽي وي چينل تي انٽرويو ڏيندي مسمات ثمينه چيو ته پي ٽي آءِ لاءِ جيتريون ڪوششون عارف علوي ڪيون انهن جي موٽ ۾ مٿس الزام ئي لڳا.

ان کانپوءِ سياست ڪرڻ جو ڪو به جواز نه آهي. ان ڪري عارف علوي پاڻ کي سياسي معاملن کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي ۽  سياست تان رٽائر ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 31 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.