مٽياري (رپورٽ: ضمير خاصخيلي) مٽياري ۾ به شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جي سڏ تي مرڪزي قيادت لالا رحمان سمون، سينيئر صحافي خالد کوکر، سينيئر صحافي اقبال ملاح، جي پرڪاش موراڻي، ڄام فريد لاکو، رجب بوزدار، ممتاز ٻلال، الطاف ميمڻ، حافظ امتياز چنا جي ايم بابو خاصخيلي، ايس ٽي پي اڳواڻ شوڪت ابڙو، جسقم اڳواڻ رشيد ڏيٿو، ايس يو پي اڳواڻ شڪور ناز خاصخيلي، سماجي اڳواڻن پير علي شير سرھندي، رحمت الله، عبدالرزاق ميمڻ، بشير احمد کتري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھنيو ويو، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اندر سنڌ حڪومت پاڻ سرداري نظام قائم ڪري ڇڏيو آھي جتي ھر ضلعو ھڪ سردار جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي، سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شھر سکر ۾ ھڪ ورڪنگ صحافي جو قتل ٿئي ٿو پر اڍائي مھينا گذرڻ باوجود صحافي جا قاتل گرفتار نٿا ٿين، جڏھن ته پوليس کي به خبر آھي ته قاتل سکر کان صرف 12 ڪلوميٽر پري ڪچي ۾ ويٺا آھن پر پوليس انھن کي ھٿ لائڻ لاءِ تيار ناھي، اڳواڻن جو چوڻ ھو ته اسان اڍائي مھينن کان روڊن تي آھيون پوري سنڌ سراپا احتجاج آھي پر اڃان تائين انتظاميه قاتلن کي بچائڻ ۾ ڪامياب رھي آھي شايد انتظاميا سمجھي ٿي ته صحافي چند ڏينھن احتجاج ڪري خاموش ٿي ويندا پر اھا انھن جي ڀل آھي صحافي نه ٿڪيا آھن نه ئي جھڪيا آهن، اڳواڻڻ چيو ته اسان احتجاجي تحريڪ جو ٽيون مرحلو لطيف جي نگري ۾ ختم ڪري رھيا آھيون ھاڻي چوٿين مرحلي جي تياري ڪري رھيا آھيون جنھن جو اعلان جلد ڪنداسين .