بلاول جو وزيراعظم ٿيڻ وارو خواب پورو نه ٿيندو، سنڌ جو ڪيس وڙهون پيا:راشد محمود

مٺي/عمرڪوٽ (رپوٽ: غلام مصطفيٰ مھر/ غازي بجير ) جميعت علماءِ اسلام جو سنڌ امن مارچ منزل طرف روان دوان، مٺي، عمرڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ سنڌ امن مارچ جو استقبال ڪيو ويو، جلسن کي خطاب ڪندي جي يو آءِ سنڌ جي سربراھ مولانا راشد محمود سومرو چيو ته بلاول ڀٽو جو وزيراعظم ٿيڻ وارو خواب پورو نه ٿيندو، ميان نواز شريف ملڪ آيو آھي ۽ اُھو عدالتن ۾ پيش ٿي پنھنجي ڪيسن جو دفاع ڪري رھيو آھي، عمران خان جو پاڪستان جي سياست ۾ ھاڻي ڪوبه ڪردار ناھي موجوده صورتحال ٻڌائي پئي ته اليڪشن جنوري يا فيبروري ۾ ٿيندي نظر اچي رھيون آھن، سنڌ جو ڪيس کڻي امن مارچ جي صورت ۾ عوام وٽ آيا آھيون سنڌ ۾ ايندڙ اليڪشن ۾ جي يو آءِ ف گرينڊ الائنس جوڙيو ويندو جنھن ۾ ن ليگ فنڪشنل ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ قومپرست جماعتن سان اتحاد ٿي سگھي ٿو، سنڌ ۾ موجوده اليڪشن ڪمشنر جي ھوندي صاف شفاف چونڊون نٿيون ٿي سگھن اسان اڳ به مطالبو ڪيو ھو ۽ ھينئر به چئون ٿا ته موجوده اليڪشن ڪمشنر کي ھٽائي غير جانبدار اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو وڃي جيڪو صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائي، اتر واري پاسي ڪچي جي ڌاڙيلن جو راڄ آھي ۽ ٿر ۾ پڪي جي ڌاڙيلن جو راڄ آھي ڪچي جا ڌاڙيل ماڻھن کي اغوا ڪري ڀنگ وٺي ماڻھو آزاد ڪن پيا ۽ معصوم نياڻين کي اغوا ڪري زيادتين جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ پڪي جا ڌاڙيل دوائون ڪڻڪ روڊ رستا کائي ويا آھن عمرڪوٽ جي پوليس کي ھڪ سال دوران ڪروڙين رپيا ملن ٿا پر ھتي جا ماڻھو اڄ به غير محفوظ آھن، عمرڪوٽ جي صحت لاءِ ھڪ سال ۾ 3 ارب کان مٿي بجيٽ ڏني ٿي وڃي پر اسپتال جي حالت ھي آھي جو عورتن جي وارڊن جي باٿ روم جا دروازا ناھن، سنڌ 70 سيڪڙو معدنيات ۽ گئس ڏي ٿي پر عمرڪوٽ ضلعو گئس، بجلي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سھولت کان محروم آھن، عمرڪوٽ ضلعي ۾ ٽينٽن مڇردانين واٽر پمپن ۽ ٻوڏ متاثرن جا گھر ٺاھڻ جي مد ۾ ورلڊ بينڪ کان 2 ارب قرض ورتو ويو آھي پر عوام کي ھڪ به سھولت نه ملي، سنڌ جي ايندڙ حڪومت جي يو آءِ جي ھوندي، هن 18 نڪاتي ايجنڊا پيش ڪندي چيو ته اقتدار ۾ اچي وڏيرن ڀوتارن وزيرن مشيرن جن ڪرپشن ڪئي انھن جا بنگلا کپائي غريبن کي آسان قسطن تي گھر ٺھرائي ڏينداسين، سنڌ ۾ اقليت لفظ استعمال نه ڪرڻ گھرجي ھتي ھندو توڙي مسلمان مان ڪنھن جي به جان محفوظ ناھي ڪو قانون ناھي پيپلزپارٽي سنڌ کي سياسي معاشي طور تباھ ڪري ڇڏيو آھي هن چيو ته اربين رپيا ڪوئلي جي رائلٽي ڏيندڙ ٿر ۾ بک واڪا پئي ڪري،72ارب روپيا ٿرين جي پاڻي تي خرچ ڪيو ويو آهي،پر پاڻي وارا منصوبا ڪامياب ناهن ٿيا،اربين رپيا ڪرپشن جي ور چڙهي ويا،نهر جي پاڻي کي ٿر پهچائڻ تي ايترو خرچ ٿي ها ته پاڻي جي سهولت فراهم ٿي پئي سگهي،اربين روپين جي لاڳت سان لڳايل آروپلانٽ خراب آهن،ٿر جي اسپتالن ۾ ڊليوري دوران عورتون مريو وڃن ٿيون،هتان جي اسپتالن جي حالت ڏسان ٿو ته روئڻ ٿو اچي، صحت جي بجيٽ ٿو ڏسان ته حيران ٿي ٿو وڃان،ٿر ۾ سهوليتون فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ سال ۾ پنج ارب 52 لک رپيا بجيٽ ڏني وئي،اُهو بجيٽ کائجي وئي، هن چيو ته ٿر ۾ آپگهات جي واقعن ۾ واڌ آيل آهي، پوليس چوي ٿي ته دماغي توازن درست نه هو يا بک سبب مري ويو آهي، هڪڙي به آپگهات واقعي جي جاچ نه ٿي سگهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.