لاهور (عوامي آواز نيوز) پرڏيهي قرضن جي ادائگي سبب ڊالر جو اگهه گهٽجڻ رڪجي ويو آهي، جڏهن ته اسمگلنگ به هڪ ڀيرو ٻيهر محدود انداز ۾ جاري رهڻ جا اطلاع اچي رهيا آهن انهن ٻن سببن ڪري ڊالر جو اگهه گهٽجڻ رڪجي ويو آهي.
نامياري صحافي رضوان رضي موجب اڳ اسمگلنگ ٿيندڙ سامان سان ڀريل 10 ڪنٽينر جيڪڏهن روزانو اچي پشاور جي مارڪيٽ ۾ کلندا هئا ته هاڻي صرف 4 ڪنٽينر اچن ٿا اهي به لاهور ۽ فيصل آباد ۾ کلن ٿا.
اڳ جيڪڏهن اهلڪار في ڪنٽينر کان لک رپيا رشوت وٺندا هئا ته هاڻي اڍائي لک رپيا وٺن ٿا. مطلب ته ڪاروبار جاري آهي صرف هنڌ تبديل ٿيا آهن ۽ ڪنٽينرن جو تعداد گهٽجي ويو آهي.
ان ڪري اهو چوڻ ۾ وڌاءُ نه آهي ته سرحدن تي مقرر اهلڪار اعليٰ آفيسرن جي اکين ۾ مٽي وجهي رهيا آهن، ڇو ته اسمگلنگ مڪمل طور بند نه ٿي آهي، ڊالر جو قدر گهٽ نه ٿيڻ به ان ڪاروبار جاري رهڻ جو نتيجو آهي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 30 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي