اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) صابر حميد مٺو جي نياڻيءَ جي جيئن ئي جنرل (ر) قمر جاويد باجوه جي پٽ سان شادي ٿي ته ان جي اثاثن ۾هڪدم اضافو ٿي ويو.
نامياري صحافي احمد نوراني موجب جنرل (ر) باجوه جي گهر واري به جڏهن ڏٺو ته جنرل (ر) باجوه آرمي چيف ٿيڻ وڃي رهيو آهي ته 2015ع ۾ هن پهريون ڀيرو ٽئڪس رٽرن جمع ڪرائي، جنرل (ر) باجوه جي گهر واري جي اثاثن ۾ به اضافو ٿيندو ويو.
نامياري صحافي اسد طور سان ڳالهائيندي صحافي احمد نوراني جو چوڻ آهي ته صابر مٺو جي نياڻي جيئن ئي جنرل (ر) قمر جاويد باجوه جي ننهن بڻي ته ان جي نالي گلبرگ گرين ۽ ڪراچيءَ ۾ فارم هائوس خريد ڪيا ويا.
اسلام آباد ڊي ايڇ اي ۾ ڪمرشل بلڊنگ خريد ڪئي وئي. ڪجهه اثاثا جنرل (ر) باجوه جي گهر واري ۽ ڪجهه ان جي ننهن جي نالي تي آهن، صابر مٺو ۽ ان جي ڀائرن جو مناسب ڪاروبار هو. جيڪڏهن صابر مٺو پنهنجي نياڻي کي ملڪيت ڏئي ها ته کيس 3 ٻيون ڌيئر به آهن انهن کي به ڏئي ها.
جنرل (ر) باجوه جي خاندان جا 12 ارب رپين جي لڳ ڀڳ اثاثا آهن.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 30 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي