ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي پوليس شھر جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار مبينا پوليس مقابلن ۾ 10 ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪندي ھٿيار ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪتڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پير آباد ٿاڻي جي پوليس مطابق منگھوپير جي علائقي اسلاميا ڪالوني ڀرسان مغل ڪانٽي لڳ پوليس ۽ ڦورن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 2 ملزم عمر ولد طاھر شاھ ۽ ايزاز ولد اظھر گل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو ۽ پوليس ملزمنن جي قبضي مان پستول ۽ موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي آهي. اورنگي ٽائون ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته ايم پي آر ڪالوني قبرستان ڀرسان بلوچ ڳوٺ لڳ پوليس مقابلي بعد ڦورو لعل شاھ ولد اقبال شاھ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پستول موبائل فون ۽ روڪ رقم ھٿ ڪري ورتي آهي. مومن آباد ٿاڻي جي پوليس موجب ضياء ڪالوني قبرستان ڀرسان ڪي ايم سي اسڪول لڳ پوليس مقابلي ۾ پوليس 2 ملزمنن عبدالغفار ولد الھ ڏنو ۽ اختر علد ولد خميسو خان کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پستول موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي آهي.منگهو پير، سچل ٿاڻي جي حد، ملير جي ميمڻ ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ به ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.