ادب جو تعلق زندگي سان آهي،وقت سان گڏ تبديل ٿيندو رهندو آهي :ادل سومرو

سکر(رپورٽر ) سکر ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۽ آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي گڏيل سهڪار سان ٻن ڏينهن واري ”پاڪستان لٽريچر فيسٽيول 2023 سکر چيپٽر“ جي ٻئي آخري ڏينهن تي سنڌي ادب ۾  تجربن جي موضوع تي پهرين سيشن ۾ بحث ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊاڪٽر ادل سومرو، زبيده بجاراڻي ۽ طارق قريشي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته نظامت (ماڊريٽر) جا فرض ممتاز بخاري سرانجام ڏنا، ناليواري شاعر اديب ڊاڪٽر ادل سومرو ڳالهائيندي چيو ته ادب جو تعلق به زندگيءَ سان آهي ڇو ته اسان جو ادب به وقت سان گڏ تبديل ٿيندو رهندو آهي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙي شاعري ڪنهن به ناهي ڪئي، شيخ اياز ٻه ٽي تجربا ڪيا، سنڌي ادب تي ڪم ٿي رهيو آهي، ان سان گڏ ڪلاسيڪل ۽ سياسي ادب تي به ڪم ٿئي پيو، جڏهن ته تنقيدي تجربا به ڪيا پيا وڃن، زبيده برفت چيو ته 21 هين صدي جو ادب اڳتي وڌي رهيو آهي، ان ڪري رستو هموار ٿيندو پيو وڃي، مون جڏهن ادب ۾ طبع آزمائي ڪئي ته ماڻهو چوندا هئا ته هن ڪڏهن به ڪهاڻي ناهي لکي، پوءِ هو ناول ڪيئن لکندي، اسان وٽ اهڙا ادارا ناهن، جتي سنڌي ادب تي بحث ٿي سگهي، اڄ جا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون سنڌ جي تاريخ پڙهن، جنهن طرح اسان جي اديبن ۽ شاعرن پنهنجي شاعري، ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ ان کي بيان ڪيو آهي، فنون پڙهڻ جي قابل آهي، طارق قريشي چيو ته اڄ جو نوجوان ادب ۾ تمام گهڻي دلچسپي رکي ٿو، ممتاز بخاري جو ناول ۾ تجربو تمام سٺو رهيو، اسان جي نوجوان نسل کي ڪتابن پڙهڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن سماج ۾ تبديلي آڻي سگهجي، ٻئي سيشن ۾ اردو جي موضوع تي سنڌ ۾ سماجي حوالي سان هڪ بحث منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊاڪٽر فاطمه حسن، ڊاڪٽر ضياءُ الحسن، اختر درگاهي ۽ ڊاڪٽر نجيبه عارف اردو سنڌي ۾ سماجي حوالي سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، ڊاڪٽر ضياءُ الحسن چيو ته سنڌ جي شاعرن سنڌي، سرائيڪي، ريخته ۽ اردو زبان ۾ سڀ کان وڌيڪ شاعري ڪئي آهي، سچل سرمست هڪ صوفي شاعر هو، جنهن جو اثر تمام وسيع آهي، سندس شاعري ۾ تصوف جا آثار نظر اچن ٿا، ، نامياري شاعره ڊاڪٽر فاطمه حسن چيو ته برصغير ۾ اردو شاعرن جي روايت تمام پراڻي آهي ۽ سچل سرمست کان اڳ به ڪيترن ئي نامور شاعرن اردو ادب جي واڌاري لاءِ ڪم ڪيو آهي، ، ڊاڪٽر نجيبه عارف ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ سموريون ٻوليون قابل آهن، پاڪستان ۾ ٻولين جي گهڻائي اسان جي ڪمزوري نه پر اسان جي طاقت آهي، ٻولين جي ترقي ۾ نامور شاعرن جو ڪردار تمام اهم آهي، اختر درگاهي چيو ته سنڌ اردو ٻولي جي پيداوار جو پهريون نقطو آهي، امير خسرو، بابا فريد ۽ سچل سرمست سنڌ جا عظيم شاعر آهن، مير حيدر به پنهنجي شاعري ذريعي هڪ الڳ مقام پيدا ڪيو آهي، ٽئين سيشن سنڌ جي ابتدائي تعليم جي موضوع تي ڪبير قاضي، جنيد سمون، امتياز حسين ڦلپوٽو ۽ صادقه صلاح الدين پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو،   جڏهن ته شازيه نظاماڻي نظامت (ماڊريٽر) جا فرض سرانجام ڏنا، صادقه صلاح الدين چيو ته تعليمي ادارن ۾ سهولتن جي کوٽ سبب ڇوڪرين کي تمام گهڻا مسئلا درپيش آهن، اسڪولن جو معيار بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي ، ڪبير قاضي چيو ته اسان جي بجيٽ ۾ ٻه حصا آهن، هڪ حصو پگهارن لاءِ وقف آهي، جنهن سان نان سيلري بجيٽ عوام کي متاثر ڪري ٿي، اسان جي پاليسي ميڪرز کي گهرجي ته بجيٽ جي درستگي لاءِ قدم کڻن، گڏوگڏ ورهاست کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، سرڪاري اسڪولن ۾ استادن جي تربيت تي زور ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان جا شاگرد جديد تعليم سان آراسته ٿي سگهن، جنيد سمون چيو ته سماجي روين جي ڪري ڇوڪرين کي تعليم کان محروم رکيو وڃي ٿو، حڪومت ”گرلز اسٽائيپنڊ پروگرام“ شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ حاضري رکندڙ ڇوڪرين کي خرچن لاءِ ڪجهه پئسا ڏنا ويندا آهن، چوٿين سيشن سنڌ زرعي اقتصاديات سنڌ هاري تحريڪ تي ڳالهه ٻولهه ڪندي محمود نواز شاهه چيو ته پاڪستان ۾ زراعت جي شعبي کي سمجهڻ جي وڏي ضرورت آهي، زراعت ملڪ جو اهم برآمداتي شعبو آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجو قبلو درست ڪريون ته پاڪستان وٽ ايترا ذخيرا آهن جو ان کي بين الاقوامي سطح تي وڌيڪ بهتر طريقي سان ايڪسپورٽ ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته پاڪستان ۾ زرعي انٽر ٽيڪس کي ختم ڪيو وڃي ته جيئن زراعت جو شعبو ترقي ڪري سگهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.