ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي فقيرا ڳوٺ ۾ پوليس منشيات فروشن خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن ڪندي 50 منشيات فروشن کي گرفتار ڪري سندن ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ڇڏي، جڏهن ته 20 موٽرسائيڪلون، 4 ڪلو چرس ۽ 2 پستول هٿ ڪيا ويا. سائيٽ سپر هاءِ وي انڊسٽريل ايريا پوليس فقيرا ڳوٺ ۾ منشيات فروشن خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن ڪيو، آپريشن ڊي ايس پي سهراب ڳوٺ ۽ ايس ايڇ او سائيٽ سپر هاءِ وي ڪيو. آپريشن دوران پوليس 50 منشيات فروشن کي گرفتار ڪري منشيات فروشن جي ٺڪاڻن کي به باهه ڏئي ڇڏي. ڪارروائي دوران 20 موٽرسائيڪلون، 4 ڪلو چرس ۽ 2 پستول هٿ ڪيا ويا. پوليس موجب، منشيات فروشن کي ايڌي سينٽر موڪليو ويندو، جڏهن ته ڪارروائي دوران فرار ٿيل منشيات فروش جي ڳولا جاري آهي.