ملير(رپورٽ: جميل چانڊيو) سنڌ انڊيجينئس رائٽس الائنس پاران سنڌ جي زمينن تي ڌارين جي والار ۽ ميگا رهائشي اسڪيمن خلاف جدوجهد تيز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، سنڌ انڊيجينئس رائٽس الائنس جو هڪ هنگامي اجلاس الائنس جي مرڪزي صدر سيد خداڏنو شاهه جي صدارت هيٺ ميمڻ ڳوٺ ملير ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ مرڪزي نائب صدر عبدالخالق جوڻيجو، جنرل سيڪريٽري حفيظ بلوچ، ايڊوڪيٽ ڪاظم مهيسر، يونس خاصخيلي، حمزو پنهور، ايڊوڪيٽ معين مگسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي انڊيجينئس ليگل ايڊ ڪميٽي جي اڳواڻ ڪاظم مهيسر ۽ حفيظ بلوچ کير ٿر نيشنل پارڪ ۽ ڪينسل ڪيل زرعي زمينن متعلق بريفنگ ڏني، گڏجاڻي کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته بحريا ٽائون کير ٿر نيشنل پارڪ جي 10 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين تي قبضو ڪيو آهي جنهن سان نه رڳو گرين بيلٽ تباهه ٿيندو پر وڏي ماحولياتي تباهي ايندي. اڳواڻن چيو ته ملير جي زميندارن، آبادگارن ۽ هارين کي ليز تي ڏنل زرعي زمينن جون ليزون رد ڪري ڌرتي ڌڻين سان ظلم ڪيو ويو آھي، اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته ڪورٽ جي فيصلي مطابق بحريا ٽائون کي 16896 ايڪڙن تائين محدود ڪري کير ٿر نيشنل پارڪ ۽ وڌيڪ غير قانوني قبضو ڪيل زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي. ڪارونجهر جي ڪٽائي بند ڪئي وڃي، ملير جي آبادگارن ۽ هارين جون رد ڪيل زمينون بحال ڪري کين مالڪاڻاحق ڏنا وڃن. انهي موقعي تي ڌارين جي سنڌ جي زمينن تي والار ۽ ميگا رهئشي پروجيڪٽن خلاف الائنس جي جدوجهد کي عوامي سطح تي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي وئي ته هو پنهنجي وجود جي بقاءَ لاءِ سنڌ انڊيجينئس رائٽس الائنس جدوجهد ۾ شامل ٿين.