ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي مڪاني کاتي ۽ انساني حقن واري کاتي جي عملدارن سرڪاري گاڏيون واپس نه ڪيون آهي. مڪاني کاتي پاران ٽن ڏينهن جي مهلت جڏهن ته انساني حقن واري کاتي پاران 7 ڏينهن جي ملهت ڏني وئي آهي.گاڏيون واپس نه ڪرڻ جي صورت ۾ سندن خلاف ايف آئي آر داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، مڪاني کاتي جون گاڏيون واپس نه ڪندڙن ۾ اڳوڻو ڪي ايم سي عملدار اشفاق سعيد، منصور منگي، مشتاق علي سومرو، سميع الله غلام مصطفي ملاح، سيد فهان، محب الله شاھه سميت 15 عملدار شامل آهن جڏهن ته انساني حقن واري کاتي جي هڪ آفيسر سميت 2 اڳوڻن خاص مددگارن کي سرڪاري گاڏيون واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، سنڌ جي انساني حقن واري کاتي جي اڳوڻي ماص معاون ويرجي ڪولهي ۽ ريحانه لغاري سرڪاري گاڏيون واپس نه ڪيو آهن، جاري ڪيل نوٽس ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي خاص مددگار ويرجي ڪولهي ۽ ريحانه لغاري کي آخري مهلت ڏيندي 7 ڏينهن اندر گاڏيون واپس ڪرڻ جو چيو ويو آهي، گاڏيون واپس نه ڪرڻ صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. انساني حقن واري کاتي جي ذريعن موجب اڳوڻي خاص مددگار ويرجي ڪولهي جي ايس 249 بولان گاڏي واپس نه ڪئي آهي ۽ ريحانه لغاري 2012 جي سوزوڪي بولان واپس ناهي ڪئي جڏهن ته اڳوڻو سيڪشن آفيسر سلام ميراڻي به اڃا تائين گاڏي واپس ناهي ڪئي.