ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس200 سيڪڙو مهانگي ڪرڻ کي عوام دشمن فيصلو ۽ سراسر ظلم قرار ڏيندي چيو آهي ته عوام تي بجلي ڪيرائڻ نه پر نگران حڪومت جو ڪم فقط بروقت صاف شفاف چونڊون ڪرائي اقتدار چونڊيل نمائندن کي منتقل ڪرڻ آهي، گئس جي اگهن ۾ اضافي سان عوام مٿان 350 ارب رپين جو بار پوندو، مهانگائي جي ماريل عوام جي اڳ ۾ ئي حڪمرانن جي ناقص معاشي پاليسين ۽ ڪرپشن جي ڪري خريداري جي سگهه ختم ٿي چڪي آهي، هن چيو ته پيٽروليم شين مٿان ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس عائد، هر روز بجلي اگهن ۾ اضافي کانپوءِ نگران حڪومت گئس جي قيمتن ۾ به 200 سيڪڙو اضافو ڪري مهانگائي جي ماريل عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي رهي آهي، پي ڊي ايم سرڪار پاران مهانگائي جا سڀئي رڪارڊ ٽوڙڻ کان بعد طاقتور ڌُرين پاران عوام تي مسلط ڪيل نگران حڪومت به پيٽرول، بجلي ۽ گئس جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري عوام دشمني جو کليل ثبوت ڏنو آهي.