اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)عورت مارچ پاران ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني رياست کي افغان پناهگيرن کي ملڪ بدر نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته ان سان پناهگيرن خاص ڪري عورتن ۽ ٻارن لاءِ تباهي واري صورتحال پيدا ٿيندي.
بيان ۾ چيو ويو ته افغانين جي ملڪ بدري خلاف 29 آڪٽوبر تي اسلام آباد،ڪراچي، لاهور ۽ ملتان ۾ مظاهرا ڪيا ويندا،سوشل ميڊيا تي عورت مارچ جي ان مطالبي تي باهه ٻريل آهي.
مصطفيٰ مهراڻ لکيو ته عورت مارچ هاڻي پنهنجي ايجنڊا کي ڇڏي عالمن ۽ جماعتين وانگر ٻين اشوز ۾ گهڙڻ شروع ڪيو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته اهو هاڻي غير ضروري طور تي پاڻ تي تنقيد لاءِ وڌيڪ دروازا کولي رهيا آهن ڇا انهن عورت مارچ وارن ڪراچي ۾ افغانين هٿان سنڌين جي قتل عام تي ڪڏهن احتجاج ڪيو؟.
خالد حسين لکيو ته اسين سنڌ واسي، اسانکي انهن مهاجرن جي ڪري بنيادي حقن کان محروم رکيو ويو آهي، اسين هاڻي انهن جي واپسيءَ جي گهُرَ ڪريون ٿا، ۽ مهاجرن جي حق ۾ جيڪا به تنظيم مظاهرو ڪندي اسين ان جو بائڪاٽ ڪنداسين.
عرفانه ملاح چيو ته عورت آزادي مارچ حيدرآباد ان احتجاج جو حصو ناهي، نه ئي اسان ان مطالبي جي حمايت ڪريون ٿا.
رخسانه هاليپوٽو لکيو ته پوري پاڪستان مان آنٽيون افغاني پناھگيرن جي نيڪالي خلاف ميدان ۾ لھي پيون .
حق ابڙو چيو ته عورت مارچ جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي، شيرين اسد زنئور چيو ته عورت مارچ جو بائيڪاٽ ٿيڻ گهرجي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 27 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي