جڊيشل ڪائونسل جو اڄ اجلاس، جسٽس مظاهر نقوي خلاف ريفرنس جو جائزو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اڄ سپريم ڪورٽ جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، نامياري صحافي انصار عباسي جو چوڻ آهي  ته اجلاس ۾ ججن خلاف شڪايتن جو جائزو ورتو ويندو، خاص طور جسٽس مظاهر علي نقوي خلاف آيل ريفرنس جو جائزو ورتو ويندو ۽ فيصلو ڪيو ويندو ته ريفرنس ٻڌڻ جوڳو آهي يا ناهي.

ياد رهي ته اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطابنديال جي دور ۾ جسٽس مظاهر علي نقوي خلاف ريفرنس داخل ٿيو هو، جنهن تي ان وقت جي سينيئر جسٽس، جسٽس سردار طارق مسعود ليٽر به لکيو هو ته هڪ جج تي ڪرپشن جو الزام لڳو آهي، ان ڪري جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس سڏائي جائزو ورتو وڃي ته الزام غلط آهي يا درست آهي پر ان وقت جي چيف جسٽس بنديال ان ليٽر تي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، الٽو پاڻ سان گڏ بئنچ ۾ ويهاري چيو هو ته هو خاموش پيغام ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته ملڪ جون بار ڪائونسلون به ريفرنس تي ڪاررروائي جو مطالبو ڪري چڪيون هيون.

هاڻي چيف جسٽس اڄ جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويندو ته جسٽس مظاهر نقوي خلاف ريفرنس ڪارروائي جوڳو آهي يا نه آهي، ياد رهي ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي سان فون تي ڳالهه ٻولهه جي آڊيو به ليڪ ٿي هئي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 27 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.