لاهور ( عوامي آواز نيوز ) نوازشريف عدالتن مان رليف ملڻ بعد هاڻي سياسي معاملن تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي.
صحافي امداد سومري موجب نوازشريف کي احساس ٿي ويو آهي ته پنجاب مان ماضيءَ جيان چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي نه سگهندو، ان لاءِ هن ٻين صوبن مان سيٽون کٽڻ لاءِ رٿا بندي شروع ڪئي آهي ، خاص طور هن جو ڌيان سنڌ تي آهي ، جيئن پيپلز پارٽي جو ڌيان پنجاب تان هٽائي سگهي، ٻيو ته پ پ مخالف ووٽ حاصل ڪري سگهي.
ان ڪري بشير ميمڻ جي ( ن) ليگ ۾ اچڻ کانپوءِ اها ڪوشش شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، چونڊن ۾ وقت ٿورو رهيو آهي ، ان ڪري ( ن) ليگ وٽ سنڌ ۾ پير ڄمائڻ لاءِ گهڻو وقت نه آهي پر ڪوشش بهتر آهي، رهيو سوال ته ( ن) ليگ ڪيترو ڪامياب ٿيندي ، اهو وقت ٻڌائيندو.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 27 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي