اسلام آباد ( عوامي آواز نيوز ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پروٽوڪول ۾ پهتل نواز شريف پراعتماد هو، جڏهن ته سندس وڪيل پريشان هئا، ايئن محسوس ٿي رهيو هوته نوازشريف کي پڪ هئي ته اپيلن جو فيصلو سندس حق ۾ ئي ايندو، نامياري صحافي جاويد چوڌري موجب نوازشريف سان ماضي ۾ جيتريون زيادتيون ٿيون ان ئي تيزي سان کيس انصاف ملي رهيو آهي ، وڪيل ان ڪري پريشان هئا ته متان فيصلو سندن خلاف اچي پر نوازشريف جي چهري تان اعتماد جهلڪي رهيو هو، ، شايد کيس ڄاڻ هئي ته ڊيل تحت کيس انصاف ملڻو آهي يا کيس الله جي ذات تي ڀروسو هو، بهرحال فيصلو اچڻ کانپوءِ اهومحسوس ٿي رهيو آهي ته نواز شريف لاءِ انصاف جي نئين تارازي تيار ٿي آهي،رهيو سوال ته هاڻي کان ئي (ن ) ليگ اڳواڻ چئي رهياآهن ته حڪومت ۾ اچي هو نيب جو ادارو ختم ڪري ڇڏيندا، مطلب ته نيب هاڻي 6 مهينن لاءِ آهي
نواز شريف جو سنڌ تي خاص ڌيان ڏيڻ جو فيصلو
لاهور ( عوامي آواز نيوز ) نوازشريف عدالتن مان رليف ملڻ بعد هاڻي سياسي معاملن تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي، صحافي امداد سومري موجب نوازشريف کي احساس ٿي ويو آهي ته پنجاب مان ماضيءَ جيان چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي نه سگهندو، ان لاءِ هن ٻين صوبن مان سيٽون کٽڻ لاءِ رٿا بندي شروع ڪئي آهي ، خاص طور هن جو ڌيان سنڌ تي آهي ، جيئن پيپلز پارٽي جو ڌيان پنجاب تان هٽائي سگهي، ٻيو ته پ پ مخالف ووٽ حاصل ڪري سگهي، ان ڪري بشير ميمڻ جي ( ن) ليگ ۾ اچڻ کانپوءِ اها ڪوشش شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ، چونڊن ۾ وقت ٿورو رهيو آهي ، ان ڪري ( ن) ليگ وٽ سنڌ ۾ پير ڄمائڻ لاءِ گهڻو وقت نه آهي پر ڪوشش بهتر آهي، رهيو سوال ته ( ن) ليگ ڪيترو ڪامياب ٿيندي ، اهو وقت ٻڌائيندو
جسٽس شوڪت صديقي عهدي تي بحال ٿيندو ؟
اسلام آباد ( عوامي آواز نيوز ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس شوڪت صديقي جي برطرفي کي 4 سال گذري ويا آهن، .اڄ تائين سندس بحالي واري درخواست تي ڪوبه فيصلو ٿي نه سگهيو آهي، نامياري صحافي انصار عباسي موجب جسٽس شوڪت صديقي اٽڪل 4 سال اڳ بار ڪائونسل کي خطاب ڪندي چيو هو ته مٿس دباءُ وڌو پيو وڃي ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي سزا ڏني وڃي ، ان بعد جسٽس شوڪت صديقي کي انصاد ڏيڻ بدران عهدي تان برطرف ڪيو ويو هو ، جنهن بعد جسٽس شوڪت صديقي برطرفي کي چئلينج ڪيو ۽ بحالي لاءِ پٽيشن داخل ڪئي هئي ،پٽيشن تي ڪجهه ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن پر جسٽس صديقي بحال نه ٿي سگهيو آهي
نوٽ: هيءَ خبرون روزاني عوامي آواز جمعو 27 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿيون