اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) چوڌري پرويز الاهي تي اسٽيبلشمينٽ ڇو ڪاوڙيل آهي، سندس مشڪلات اڃا تائين گهٽ ڇو نه پيون ٿين؟ .
ناليواري صحافي اسد علي طور چيو ته چوڌري خاندان شروع کان وٺي اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو رهيو آهي، اهي تقريبن هر حڪومت ۾ رهيا آهن، فوجي اسٽيبلشمينٽ جي منشا سان اهي سياست ڪندا رهيا آهن، عمران خان تي جڏهن گجرات ۾ حملو ٿيو ته هو ڊي جي سي آءِ ايس آءِ ميجر جنرل فيصل نصير خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ پئي چاهي پر تڏهوڪي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي انڪار ڪيو هو، ٽي چار هنڌن تي پرويز الاهي جا اسٽيبلشمينٽ سان معاملا بگڙيا.
هڪ ته هو ق ليگ کي ڇڏي عمران خان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ هليو ويو، تڏهن کيس پشاور جي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد پاران واپڊا جي اڳوڻي چيئرمين جنرل(ر) مزمل حسين پيغام ڏنو ته توهان عمران خان جو ساٿ نه ڇڏجو، ان کانپوءِ شيون بدلجڻ لڳيون، عمران جو اسٽيبلشمينٽ جي حوالي سان موقف سخت ٿيڻ لڳو، هو فوج کي جانور، باجوا کي مير جعفر، ڊي جي سي آءِ ايس آءِ ميجر جنرل فيصل نصير کي ڊرٽي هيري ڪوٺيندو رهيو، عمران خان جنرل عاصم منير جي آرمي چيف طور مقرري روڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون.
پرويز الاهي کي ملٽري اسٽيبلشمينٽ خاص جهاز ۾ جي ايڇ ڪيو گهرايو جتي هو آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم سان مليو، اتي کيس سمجهايو ويو ته ماضي ۾ توهان ڀلي عمران خان کي سپورٽ ڪيو، ماضي کي دفن ڪيو، هاڻي اڳتي لاءِ عمران خان جو ساٿ ڇڏيو، اسان توهان جو خيال رکنداسين، توهان کي ايندڙ حڪومت جو حصو به بڻائينداسين.
چوڌري پرويز الاهي سموريون ڳالهيون ٻڌيون پر واضح طور ڪو جواب نه ڏنو، پرويز الاهي چوندو رهيو ته مسئلو ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊي جي سي ميجر جنرل فيصل نصير آهن، اهي ٻئي تبديل ٿين ته مسئلا ختم ٿي ويندا،لاهور جي سيڪٽر ڪمانڊر برگيڊيئر راشد ذريعي ڳالهائي رهي هئي، پرويز الاهي برگيڊيئر راشد کي هڪ طرح جو دوکو ڏنو.
برگيڊيئر راشد ملٽري اسٽيبلشمينٽ پاران پرويز الاهي لاءِ نگران مقرر ڪيل هو، جنهن رات عمران خان پرويز الاهي کي پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جي هدايت ڪئي ان وقت آءِ ايس آءِ کي خبر پئجي وئي هئي.
برگيڊيئر راشد پرويز الاهي کي پيغام موڪليو ته ڇا توهان پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري پيا موڪليو جنهن تي پرويز الاهي ساڻس ڪوڙ ڳالهايو چيو ته مان ته پنجاب اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ سمري موڪلڻ وڃي رهيو آهيان،برگيڊيئر راشد اهو پيغام ملٽري اسٽيبلشمينٽ ڏانهن پيغام موڪلي ڇڏيو، اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري جي خبر اسٽيبلشمينٽ لاءِ وڏو ڌچڪو هئي.
برگيڊيئر راشد کي کليل ڇوٽ ڏني وئي ته هاڻي پرويز الاهي سان ڀلي ڪهڙو به سلوڪ ڪريو، ان کانپوءِ پرويز الاهي جي اسٽيبلشمينٽ سان ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي ، پرويز الاهي خلاف ڪيسن مٿان ڪيس داخل ٿيندا ويا، جڏهن ته برگيڊيئر راشد ئي هو جنهن مونس الاهي کي ٻاهرين ملڪ فرار ٿيڻ ۾ سهولتڪاري ڪئي هئي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 27 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي